ڪانِي بابت
معنيٰ
سَرَ جو مٿيون ڀاڱو جنھن مان ٽوڪرا، کاريون، ڇَڄَ وغيرہ ٺھن، هيٺئين ڀاڱي مان قلم ٺھن، ڪانو، ڪِلڪَ، تيلي. تير، گَزُ. نَڙُ، نَڙانڊي، نڙاٽي ساز. قبر ڪڇڻ وارو ڪانو.
The stick of Saccharum officinarum plant, a red. The beam of a pair of scales. A superficial measure. To measure a dead body.
بيتن ۽ وائين ۾
- ظاھِرَ ۾ زانِي، فِڪرَ ساڻُ فَنا ٿِئا، تَنِي کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪانِي، حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِئائُون دِلِ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جَا ڪَچِي ڪانِي ڪانھَنۡ، سا ٻُڏَ ڪَڍي ٻارِ مان، يا لنگهائي لَطِيفُ چئَي، يا ڌُرِئا ڪَري دانھَن، ڪَماحَقَّہٗ ڪَکَنِ جِي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- تَران لاءِ طَعني، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو، آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني، قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو، اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن، ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو، لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي، ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- بَروئي جِي بانِي، ڪَنھِن کان سِکِيين سُپِرِين، آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي، حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي، تَنِي…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي لاتِيُون ڪَري، اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن، ويڄَ ڏَنڀِين ٿو بانھَن، سُورُ ھِنيَين…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ ۾ وِصالَ جِي، دوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ، سُپيرِيان جي سُونھَن ۾ رُخنو ڪونَہ رِھاءِ،…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي رِھاءِ، ڪانِيۡ ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿِي مَ پاءِ، اَکِيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَڻَ جِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]