کُوھَ بابت
معنيٰ
زمين اندران پاڻي هٿ ڪرڻ لاءِ کنيل اونهي کڏَ، زمين ۾ کوٽيل ۽ سرن سان اوساريل گولائي کڏ، جنھن مان پاڻي حاصل ڪجي، تڙ .
Well, a deep pond.
بيتن ۽ وائين ۾
- کان ڌَرَتِيءَ سِکُ، خاصَ نُکتو کانڌِ جو، کُوھاڻا کُوھَ کَڻِي، ماسُ ڪَپِينِسِ مِکُ، تابُ نَہ آڻي تِکُ، نارُ آڻي نُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- کُوھَنِ سِرِ وانئُٽِيُون، وانئُٽِيَنِ سِرِ گَهنڊَ، کيڙي کيڙي کَنڊَ، ماءِ سامُونڊِي آيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي کُوھَ، پَسِي مُنھُن ساھَڙَ جو، راضِي ٿِيندَنِ رُوحَ، اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُبوحَ، پَرَچِي پارِ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڏِٺي جادَمَ جَکِري، چِتِ نَہ ٻِئا چَڙَھنِ، تَہ ڪوھُ کُوھَ کَڄَنِ، جُھ سَرُ لَڀي سُڀَرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- چوري چَنجُورَنِ سين، کوٽي کَنيائُون کُوھَ، لاکي سَندِي ڳالِهڙِي، رَکِيائُون مَنجِهہ رُوحَ، پَڌَرِ ناھِ پاٻوھَ، اَندَرِ اورَڻُ پِرِينءَ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان سُومَرا، تَنِ پَنوَھارَنِ پَچارَ، جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُھارَ، ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- عُمَرَ ٿِئَمِ اَپارَ، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِئا، تَڳان جَنِ تَنوارَ، سَٽائُون سَنگهارَ، کُوھَنِ تان کَڻِي وِئا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ٿُوھَرَ کُوھَرَ ٿَرَ، جِتِ ساٺِيڪا ۽ سَٽِيُون، چارِينِ ٿِيُون چاھِ پِئو، ڦوڳَنِ پاسي ڦَرَ، ڪِيئَن لَھَندَمِ ڪَرَ، جِيئَن مارُو پاڻَ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، رَهِئا اَندَرِ رُوحَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي، مارُو مَٿي مُوهَ، ويرُون وِلوڙَنِ سَندِيُون، سارِئان گهَڻو صُبوحَ، وَرُ…[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]
- چِيلا ۽ چارا، مارُنِ جا مَلِيرَ ۾، اُٿِئو ڀَرينِ اَسُورَ جو، وَرَتُنِ سين وارا، ڇَڏي کُوھَ کارا، مارُو مِٺي موٽِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽ ٻُوھَ، ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ، سُتِي سَڄَڻَ…[ سُر مارئي - وايون ]
- ماري نَہ ڌاري، نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻي، کارَو وِڌائِين کُوھَ ۾، نِرتَئُون نِھاري، سائِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]