ڏَمُ بابت
معنيٰ
سھڻيءَ جي مڙس جو نالو
Husband name of Sohni.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو، طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو، گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ، آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئاڙي رَتُ، ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ، عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- نَہ ڪا جهولَ جَهليسِ، نَہ تانگهو نَہ تارِ ڪِي، ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس، تانۡ تانۡ جِيءُ جَليسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڏَمُ ڏِھاڙِي ڏي، سَندا ميھَرَ ميھَڻا، جَهلِيان ٿِي جهولِيءَ ۾، پَلَئِہ پايو سي، مَرُ تان چالِيھَ چئَي، سَڱا سُپَيرِيَن جي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ، اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ، ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- مَتان گِهڙِين سُهڻِي، اَڄُ دَرياھَ ۾ دَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، ڪِھَڙو اَٿَئِي ڪَمُ، مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيُون.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- آئُون جَا ويندَڙياس پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي ڪا مَ جَهلي، آئُون جَا ويندَڙَيَس پارِ پِرِيَنِ جي، نِينھُن اُڇَلي، پَسِئو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ، آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ، آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ، گهَرِ گهَرِ گِلا…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي، جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري، ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ…[ سُر سھڻي - وايون ]