ڀاڳُ بابت
معنيٰ
بخت. نصيب، قسمت. طالع. تقدير.
Fate, fortune, destiny.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو، سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وَڏو ڀاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو ڀيٽي موٽِيا، وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پاڪَ رَسُولَ جو.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- گولِي ٿِي گُذارِئان، تَہ مُون وَڏو ڀاڳُ، رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويراڳُ، جَنِ ھِتي ھوتُ وِسارِئو، سي مَهِندِ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- آلوڙو اَکِيُنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳُ کي، ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ، اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- تِيئَن مان وَڏو ڀاڳُ، جِيئَن راڻي گهَرِ راڄِيُون، مُومَلَ ويٺي ماڻِئو، سوڍي جو سُھاڳُ، تَنھِن کي ڪِھَڙو ڏُھاڳُ، سَڌَرُ جَنھِن…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ، جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- مَڙِهيُون پُوري ماڳَ، وِئا ويراڳِي، يااللهَ، پُرئا پُورَڀَ پارَ ڏي، آيَلِ مُون اَڀاڳُ، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لاھي وِئَڙا لَاڳُ.[ سُر پورب - وايون ]
- ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا، چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي، سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،…[ سُر آسا - وايون ]
- تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ، ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ، اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ، قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ، سَڀوئِي سَڀاڳُ،…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، مَلِيرُ مُنھِنجو ماڳُ، ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ، تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ويٺِي جَهڄان جَهلَ ۾، نَئُون ٿِئُمِ نِڀاڳُ، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِينِ سَرَتِيُون ساڳُ، ويچارِيءَ ويراڳُ، وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جو.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]