پَھَڻَ بابت
معنيٰ
پاھڻ، پٿر، پھاڙ
Stones, mountains, hills.
بيتن ۽ وائين ۾
- وارو مُون وَڻَراھِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏِيو، وِجِهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ، مَنجهان پَھَڻَ پِيادِيُون، ھادِي…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي سَچِي، سُپَڪُ ٿِي سَيِّدُ چئَي، پَھَڻَنِ مَنجِهہ پَچِي، مَعذُورِ تي مارو ڪِئو، اولاڪَنِ اَچي، مَٿي…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جاڏا جَبَلَ جِتِ، لُڇي مُنڌَ لَطِيفُ چئَي، تاڪُو پَسِئو تِتِ، ھوتَ پَھچِجِ ھِتِ، آءُ تَہ اوَجَهڙِ…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- پَھَڻَ پُرياڌي پَٻَ جا، جَبَلَ جِتِ جاڏا، توڏَنِ جا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کاڏا، اَچَنِ جي آڏا، لَڪَ سَوَلا…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- پَھَڻَنِ ڪِينَ پَروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئامِ، ثُمَّ لا يَمُوتُ فِيهَا وَلا يَحْيَا ، ھِھَڙا حالَ سَندامِ، ڪوجها ڪِرتَ ڪِئامِ، جِيئَن…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- جَبَلُ ڏي نَہ جَوابُ، اَڳِئان آرِيچَنِ جو، سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- ڏُونگَرَ ڏوراپو، پھرِين چُندِيَسِ پِرِينءَ کي، پَھَڻَنِ پيرَ ڏُکويا، تَرِيُون ڇِنِيُون تو، رَحمُ نَہ پِيُئِي رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنھنجو ڪو،…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين ڪوھُ، تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ، ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، دِلِاسا ڏِجَنِ، گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ، تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جو، توکي ناھِ تَرَسُ، پَھَڻَ پَرَڏيهِنِ سين، ڪو اَڳي ھوءِ عَڪَسُ، پيرَ مُئِيءَ جا پَسُ، جي چِنجُهنِ چِيهاڙِيُون…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا، ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا، گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- ويٺي مُون وِئو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان، آئُون ڏورِيندِي ڪيتِرو، پَھَڻَنِ پيرُ پِئو، سُورَنِ ساڻُ سِھو، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- سَرَتِيُنِ سَھِجَ مَنجهان، ٿِي ڪوڏِ وَراھِيا ڪَپِڙا، تَڏِھِين مُنھِنجِيءَ ماءَ، ٿِي پَھَڻَ آڇِيا پَٻَ جا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو، ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون، پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَھَڻَ تارِين تُون، جَي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]