پَنَ بابت
معنيٰ
پَتو. وڻ، ول (ٻوٽي وغيرہ جي) پَنکڙي گل جي، ورق.
A leaf of a tree.
مضمونن ۾
بيتن ۽ وائين ۾
- تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ، جي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- دَرياھَ ڪَندي دَسَ، ڪِھَڙو سُکُ سَري تو، پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- پُڇان ٿِي توکي پانڌِي، ڪِٿي پِريان جا پَکَڙا، جِتان جَتَنِ لَڏِئو، پَکَي ڇَڻِئا پَنَ، جَرُ موتِيءَ جِيئَن ھارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- وَڍِي ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري، ھُنَ پَنَ پانھِنجا سارِئا، ھُوءَ ھَنجُهون ھَڏَنِ لَئي ھاري.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏارُون، ھِينئَڙو ھيرَڻَ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦارُون، ڪَنھِن کي ڏيکارِيُون، ڪونِهي سوداگَرُ سُورَ جو.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- اَڃا ڪيچُ اَڳي ٿِئو، پيرَ نَہ لَھي پارِي، روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽارِي، نَڪو جانِبُ جوءِ ۾، نَہ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون، اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ، مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون، پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَھَڻَ تارِين تُون، جَي گهَرِ اَچين مُون، تَہ ميرِيائِي مانُ لَھان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاڪَ، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ، عُمَرَ آھِيُون آکَ، پَھرِئو تي پَنَ چَران.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ٿَرَ وُٺا ٿاڌيلِ ٿِي، پَھرِئو چَرَنِ پَنَ، هِينئَڙي راتِ اُڪيرِئو، مارُوءَ ڪارَڻِ مَنَ، زيرِيُون لاھِ ضَعِيفِ تان، عُمَرَ ساڻُ اَمُنَ،…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- پَنَ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، بِھَ ڏوڏا ڏاجونِ، نِعمَتَ لوڙَهَ لَطِيفُ چئَي، کيڻُ مَڇِي کاڄونِ، رَھَنِ ٻَھَنِ سِرِ ٻانڌِينِ، دُورِ دَران…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]