آگم ڪيو اچن...

پنهونءَ بابت

ڪيچ ۾ پنهونءِ جي ڪوٽ جا رھيل آثار

ويدن ۽ پَراڻن ۾ بيان ڪيل آريائي ڪردارن جي حوالي سان ڄاڻ ملي ٿي تہ آرين جي ھڪ قديم ڪردار چندر (جنھن کي سم بہ چوندا ھئا) جي نالي سان چندر ونسي/ سم ونسي نسل جي ابتدا ٿي. پوءِ اھو نسل چئن وڏن گروھن: يادوَ، تروسوَ، انوَ، درهيوَ ۾ ورھائجي ويو. سندن بودباش وچ ايشيا، وچ اوڀر، سنڌ ۽ ھند جي خطن ۾ ٿي. سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪڇ ۾ رهندڙ سما ۽ جت قبيلا انهن چندر ونسي آرين جي گروھن مان آھن. جڏهن سڪندر اعظم ايران فتح ڪري اڳيان وڌيو تہ سنڌ جي سرحدي علائقي مڪران ۾ جتن جي ’هوت‘ قبيلي جي بھادرن ساڻس مھاڏو اٽڪايو. ان دور جي يوناني مؤرخن ھن قبيلي جو ذڪر اوريتائي نالي سان ڪيو آھي. جو ’هوت‘ جو يوناني اُچار آھي. ھي قبيلو سومرا دور تائين مڪران جو حاڪم ھو. سومرن جي آخري دور ۾ مڪران ۾ بلوچن جو اچڻ ٿيو. جن جي قافلي جي سالار مير جلال خان ’هوت‘ قبيلي جي ’عجوبه‘ نالي ھڪ رقاصا سان شادي ڪئي، جنھن مان ڄاول پٽ کي ھن ’هوت‘ جو نالو ڏنو.

مير جلال خان جي وفات کان پوءِ ھوت جي ماءُ قلعي تي قبضو ڪيو، جنھنڪري مير جلال خان جا وڏا پٽ مجبور ٿي اڳتي ھليا ويا ۽ مقامي جت قبيلن سان اختلاف رکيائون ۽ اڄ تائين جتن کي پاڻ کان ڌار سمجهندا آھن. بلوچ قبيلن جي ويڙهاڪ فطرت جي ڪري سنڌي جت، ھميشه بلوچ قبيلن کان مرعوب رهيا آھن. اھي بلوچن جي وچ ۾ رهي بلوچ سڏائي نٿي سگهيا، پر جڏهن سمن جي دور ۾ جت قبيلا لاڙ ۾ لڏي آيا تہ پاڻ کي بلوچ سڏائڻ لڳا. سنڌ جا ماڻهو جتن جي نسل ۽ اسلام جي اوائلي دور ۾ لڏي ويل سنڌي جتن جي حجاز، عراق ۽ ٻين عرب علائقن ۾ بودوباش ۽ انهن مان پيدا ٿيندڙ ھاڪارن عالمن جي ديني خدمتن کان واقف ھئا. پر انهن اوائلي دور ۾ بلوچن جي نسل کان ناواقفيت جي ڪارڻ جابلو علائقي جي معنيٰ ۾ جتن کي بہ بلوچ سمجهڻ شروع ڪيو. اھڙيءَ طرح سنڌ ۾ ”بلوچ“يا ”ٻروچ“ جي معنيٰ ”جبل جو رهاڪو يا ڪوھيارو“ وڃي بيٺي. سومرن جي دؤر ۾ مڪـران جـي عـلائقـي ڪيچ جو حاڪم ”آري ڄام“هو. آريءَ کي پنھنجي زال ”ملي“ مان ڄاول ٽن پٽن مان ھڪ جو نالو ”پنون“(پنهون) ھو. ھڪ بيت ۾ پنهونءَ جو نالو ھن ريت آيل آھي تہ: سودو ڪــريــان تنھن سـاٿ سان،جنھن کــي پنهون آريـاڻـي چــون. 

سنڌ جي نسب نامي جي اصطلاح موجب ”پنهون آرياڻي“ معنيٰ پنهون پٽ آريءَ جو. پنهونءَ جو نالو سنڌ جي مشھور رومانوي داستان ”سسئي پنهون“ جي ھيرو طور مشھور آھي. شاھ لطيف سندس ڪردار کي ڳائي امر ڪري ڇڏيو آھي. روايتي قصي ۾ سسئي پنهونءَ جو داستان ھن ريت ٻڌايو ويندو آھي تہ ھڪ برهمڻ کي ڌيءَ ڄائي. جوتش ذريعي کيس معلوم ٿيو تہ ان جي شادي ھڪ مسلمان سان ٿيندي. نياڻيءَ کي مارڻ بہ کيس منظور نہ ھو ۽ اکين ڏٺي مک ڳھڻ بہ ھن لاءِ ممڪن نہ ھئي. ان ڪري ھن ڇوڪريءَ کي ھڪ پيتيءَ ۾ بند ڪري درياھ ۾ لوڙھي ڇڏيو. اھا پيتي لڙهندي اچي ڀنڀور ۾ محمد کٽيءَ تائين پھتي، جيڪو ڌوٻڪو ڪم ڪندو ھو. ان نياڻيءَ تي ”سسئي“ نالو رکيائين، جنھن جي معنيٰ آھي چنڊ ۽ کيس پنھنجي ڌيءُ ڪري پالڻ لڳو. 

سسئي وڏي ٿي تہ ڪنھن طرح سان ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جي پٽ پنهونءَ جي حسن جو چرچو سندس ڪنن تي پيو ۽ ھوءَ پرپٺ مٿس عـاشق ٿـي پئي. جڏهن اھا خبـر پنهونءَ کي پئي تہ ھو بہ کيس اڻـڏٺو محبوب بڻائي ويھي رهيو ۽ ڪيچ مان ڪھي ڀنڀور پھتو. نيٺ ٻنهيءَ ان جو ملڻ ٿيو ۽ ھڪ ٻئي کي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڪجهہ وقت گڏ رهيا تہ پويان پنهونءَ جي ڳولا شروع ٿي وئي. سندس ڀائر کيس ڳوليندي اچي ڀنڀور ۾ پھتا. پنهونءَ کين پنھنجي زال سسئيءَ سان ملايو. ھنن ڀائرن پنهونءَ کي موٽي ھلڻ لاءِ چيو، پر پنهونءَ انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ ھنن ڊوھ ڪري رات جو نشو پياري پنهونءَ کي ٻڌي کڻي اٺ تي سوار ڪيو ۽ اچي ڪيچ پھتا، جتي پنهونءَ کي قيد ڪري رکيائون. پويان سسئي، پنھنجي پنهونءَ کي وڃائي ھوش مان نڪري وئي ۽ سندس پيرا کڻي اڪيلي سر ڪيچ ڏانھن ڪاھي پئي. سفر جي تڪليفن کيس ھيڻو ڪري ڇڏيو ۽ نيٺ ھوءَ رستي ۾ مري وئي يا روايتن مطابق زمين ڦاٽي پئي تہ ان ۾ گهڙي وئي. ھوڏانھن پنهون پاڻ ڇڏائي سسئيءَ ڏانھن روانو ٿيو. پنهون جڏهن اتي پھتو، جتي سسئي زمين ۾ گهڙي وئي ھئي تہ اتي سندس گنديءَ جو پلئہ ٻاھر نڪتل ڏسي سڃاڻي ورتائين ۽ نيٺ پاڻ بہ اتي ئي زمين ۾ داخل ٿي ويو. لطيف جي شاعريءَ ۾ پنهونءَ لاءَ جت، بلوچ، ڄام جھڙا لفظ استعمال ڪيا ويا آھن. 

اڄ جي دور جا ڪي محقق مٿئين پسمنظر کي نظر انداز ڪندي انهن لفظن کي بنياد بنائي پنهونءَ جي نسل کي منجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن ۽ دليلن کي سگهارو ڪرڻ لاءِ پنهونءَ جو تعلق ھوت نالي بلوچ قبيلي سان جوڙي رهيا آھن، جيڪو مير جلال خان جي پٽ ”هوت“ جو اولاد آھي. حالانڪہ پنهونءَ جو واقعو مير جلال خان جي پٽ ”هوت“ جي پيدائش کان ڪافي اڳ جو آھي.

پنهون جي ساٿ واري واٽ: ڪيچ جي واديءَ مان، سنڌ ڏانھن جيڪي واٽون اينديون ھيون، تن مان ھڪڙيون اُتريون پاسو وٺي، اڳتي ھلي خُضدار کان گنداوا ڏانھن يا لَڪ ”جائو“ کان، ”ٻيلي“ ڏانھن ورنديون ھيون، ٻيون ڏاکڻيون سامونڊي ڪناري وارو پاسو وٺي ”هنگول“ ۽ ”حب“ وٽان سنڌ ۾ ڍرنديون ھيون. اڄ تائين اھي ئي واٽون وھن ٿيون. سنڌ ۾ ھلندڙ ”سسئي- پنهون جي ڳالهہ“ جي مختلف روايتن مطابق، پنهونءَ جو ساٿ ھيٺين، ڏاکڻي واٽ سان سنڌ ۾ آيو. اھا راھ پَسني، اورماڙا، گوادر، ھنگول ندي ۽ ولپت وٽان مَٽي، ڦوڙ ندي ٽپي، ھاڙهي جبل جي ڏاکڻي لڪ مان نڪري، ھاڙهي جي اُڀرندينءَ ڀر ان اتر طرف ھلي، پوءِ اُتر- اوڀر طرف ڪانھري ٻيلي وٽان، ’لياريءَ‘ جي شھر ڏانھن ھلي ٿي. ھاڙهي جبل جو لڪ ۽ ھاڙهي جي ڪنار، ھن واٽ جو وڏو نشان آھي. پنهون انهيءَ واٽ تان آيو. لياريءَ کان پوءِ قافلي وارن اھا واٽ ورتي جيڪا، اُٿل- ڪراچيءَ واري پڪي رستي واري رخ سان، سون مياڻيءَ وٽان، حب نديءَ تي اچي، اتان پوءِ ڀنڀور طرف ايندي ھئي.