واڪا بابت
معنيٰ
وڏا آواز، رڙيون، دانھون، ڪوڪون، آواز، رڙو رڙيون، گوڙ، شور، ٻاڪارون، ڪيھون، ريھون، ووءِ، واويلا، ٻوڪ، ريھاڙ، راڙه، گجگوڙ، وڏا سَڏ پڪار، نعرا، حيلا، سعيا.
Outcries, screech, roars, louds, calls, screams, exclaimings, shouts.
بيتن ۽ وائين ۾
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ، نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ، دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- جيڏاھَن چِتَ چاھُ گهَڻو، آرُ پِہ اوڏاھِين، وَڃي وَھُ واڪا ڪِئو، تِکو تِھائِين، ميھارُ مِلائِين، لَهرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- طَعني لاءِ تَران، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو، مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران، وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- تَران لاءِ طَعني، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو، آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني، قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري، وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري، کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري، ڪَڪَرَ اَڄُ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- جِهمندِيُون اَچَنِ، جهولِيُون جُهونجهارَنِ جُون، پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، تَنِ جُون وَھون واڪا ڪَنِ، پِٽِينِ پَارَ کَڻَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ، آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ، مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا، ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا، پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- غافِلِ غَفلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِيئَن اَڻاسِي اوجِهرين، چُپاتا چَڙِھِي وِئا، وَڃِي پَھتا توڙِ، نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جيڏِيُون جِمَ سُمهو، نِنڊَ ويرِياڻِي ھوءِ، مَتان مُنجِهي رَھو، واڪا ڪَري ويڙِه ۾.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اوٺِيَنِ جَهلي اَڏَ، دانھُون واڪا مُون ڪِئا، سُڻِي مُنھِنجا سَڏَ، پاڻان پَراھان وِئا.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اَچِئو اَچِئو پُونِ، واڪا ڪِئو وَڻَنِ ۾، سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ، ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ…[ سُر پورب - ڪانگ ]