وارِيين بابت
معنيٰ
واپس ڪرين، موٽائي ڏين، سگهو ڏين
Return back, returning
بيتن ۽ وائين ۾
- جِيئَن جِيئَن وَرَقَ وارِيين، تِيئَن تِيئَن ڏِٺو ڏوھُ، رَھِڻِيءَ رَھِيو نَہ سُپِرِين، ڪَھِڻِيءَ ڪِبو ڪوھُ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- اُھَرِئا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَرائِيين، سامُونڊِيَنِ سائِين، واءُ سَڻائو وارِيين.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلُ نَہ مَلي وارِيين، فَقِيراڻِي ويسِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- بَندَرَ باروبارِ، مُلُ نَہ مَلي وارِيين، فَقيراڻي پارِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرالِي، جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي، وارِيين سي والِي، ھِينئَڙو…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- آڳَھَ عِشقَ وارِيين، جَڏھِن کَنيا جَنِ، تَڏِھِين رَسِئا تَنِ، ميھَڻا مُحِبَ ميھارَ جا.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين، نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ، گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- نَڪو تَتو ڏِينھُن، نَڪو ليکو ئِي ٿِئو، تِھان اوري نِينھُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ، جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- ڏِسِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو، ڍولِئا آئُون ڍائِي، ڪانڌَ نَہ ڪوٺِيُئِي ڪَڏِھِين، ٻَرٻَر ٻاجهائِي، پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، آئُون اَڱَڻِ تو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڌَڻِي سو وارِيين واءُ، جَو ميڙائُو سَڄَڻين، وَنھِينءَ واٽَ مَٿان، ھِينئَڙي آسَرَ نَہ لَھي.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- توڻي تُون وَڏِي ٿِي، تَہ اُٿِي آتَڻِ آءُ، ٿِيءُ ڀيڙِي ڀيرَمَ وارِيين، ٻِي ھَڏِ ڪَرِ مَ ڪاءِ، تَہ صَرافُ تو…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]