وارِيءَ بابت
معنيٰ
ريگ، ريتي، ڪَڪري، سنهي پٿري، ڪَرڪِري.
Sand, hill sand. Crystalline silica.

بيتن ۽ وائين ۾
- تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا، تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ساوَڻَ لَهرِيُون ريجَ، وَڻَ ٽِڻَ وارِيءَ وارَ، مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ، سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، ھَي راڻي سين رِھاڻِ، اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ، سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- وارِيءَ جِيئَن ويئِي، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾، جِيئَن اَٽَو پَئي پاڻِيءَ ۾، پَگهرِ جِي پيئِي، مَٿي ھَٿُ ڏيئِي، ڪانڌَ نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- جِيئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ وارِيءَ گاڏُئان، ھِينئَڙو پِريان ڌارَ، نِبيرِياسِ نَہ نِبِري.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- ماري ڪُٽي مُون، ھِنَ وِھِٽَ سين وَسَ ڪِئا، تاتِ سيکارِينسِ تُون، مُنھِنجِيءَ سُوارِيءَ سَنئُون نَہ ڪِئو.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ، سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيا، سَھِسين ساٽِي مُٺَ، سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو وَڃَنِ موٽِئا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- سيئِي ساريان سُومَرا، جَنِ جا ٿَرَنِ اَندَرِ ٿاڻا، چارِيان هُوندَ چَڱا ڪَري، ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا، جَنِ جا وارِيءَ وِڇاڻا، سي ٿِي…[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ، سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ، عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]