وارِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ريگ، ريتي، ڪَڪري، سنهي پٿري، ڪَرڪِري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sand, hill sand. Crystalline silica.
وارِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا،
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،
بَخشِين بَخشَڻَھارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 14 ]
ساوَڻَ لَهرِيُون ريجَ، وَڻَ ٽِڻَ وارِيءَ وارَ،
مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 25 ]
مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اُنِهِئائِين اَپارَ.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 25 ]
ڪَڏِھِين مَڙُه مُقامَ ۾، ڪَڏِھِين ڳاڙِھو گهوٽُ،
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِئو اَڏِيندين ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 20 ]
ڪَندِي ھُيَسِ ڪاڪِ ۾، ھَي راڻي سين رِھاڻِ،
اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ،
سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِينُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 18 ]
اَچِي پَسو جيڏِيُون، پِرِين وِڏوڻُو پاڻَ،
سي ھَنڌَ پَسِي ھاڻِ، وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِينُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 18 ]
سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو،
آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ،
ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي سيڻانِ،
وارِيءَ جِيئَن وِرڄي ھِنيُون، ڪِرِڪِئو لَيءِ ڪيڻانِ،
موٽِئو ماڳَ نِھارِيين، ڪِھَڙي مُنھِن ڪيڻانِ،
ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا، مُون ڀانيو سيڻانِ،
مَچُ پَسِي ڪِيئَن موٽِيئَن، سَڙِيئَن نَہ سيڻانِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 3 ]

وارِيءَ جِيئَن ويئِي، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾،
جِيئَن اَٽَو پَئي پاڻِيءَ ۾، پَگهرِ جِي پيئِي،
مَٿي ھَٿُ ڏيئِي، ڪانڌَ نَہ ڪوٺِي ڪَڏِھِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 27 ]
جِيئَن اَٽَو پَئي پاڻِيءَ ۾، پَگهرِ جِي پيئِي،
مَٿي ھَٿُ ڏيئِي، ڪانڌَ نَہ ڪوٺِي ڪَڏِھِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 27 ]
جِيئَن سي کُوھِيءَ نارَ، وَھَنِ وارِيءَ گاڏُئان،
ھِينئَڙو پِريان ڌارَ، نِبيرِياسِ نَہ نِبِري.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 5 ]
ھِينئَڙو پِريان ڌارَ، نِبيرِياسِ نَہ نِبِري.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 5 ]
جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ،
سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيا، سَھِسين ساٽِي مُٺَ،
سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو وَڃَنِ موٽِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 11 ]
سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيا، سَھِسين ساٽِي مُٺَ،
سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڻُهو وَڃَنِ موٽِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 11 ]
سيئِي ساريان سُومَرا، جَنِ جا ٿَرَنِ اَندَرِ ٿاڻا،
چارِيان هُوندَ چَڱا ڪَري، ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا،
جَنِ جا وارِيءَ وِڇاڻا، سي ٿِي سارِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 2 ]
چارِيان هُوندَ چَڱا ڪَري، ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا،
جَنِ جا وارِيءَ وِڇاڻا، سي ٿِي سارِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 2 ]
کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِئا وارِيءَ مَنجِهہ وَٿاڻَ،
سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ،
عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 13 ]
سانگِيَڙَنِ سَيِّدُ چئَي، ڀَرِئو ڏِينِ ڀاڻَ،
عُمَرَ اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 13 ]
English Meaning
Sand, hill sand. Crystalline silica.
وارِيءَ ٻول جا زمرا