ميرا بابت
معنيٰ
مَرُ يا مٽيءَ هاڻا، گدلا، ڌوڙ ڀَڪليا. گندا، ڪِنا، (اصطلاح) اخلاق ۾ خراب.
Dirty, filthy, foul.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو، اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ، ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ، ميرا ئِي مارِينِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ، ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ، ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- لوچِ دا وي بَلوچَ دا، ميرا مَنُ، پِيران نوُن سَڏيِندِيان، سَڳَرَ پَٽِيدِيان، اَلا ھو آڻِ مِلائِيين پُنهون ڪيچ دا.[ سُر آبڙي - وايون ]
- سارِي راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙَھ ڀَرِ ڳايائِين، اُٺَس ماڻِڪَ مِينھَن جِيئَن، ھَٿِ نَہ ڇُتائِين، تي لائِقُ لَڌائِين، جي ھو ميراثِي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- جَي ميراثِي مَڱڻا، آئُون پُڻ مَنجهان تَنِ، ڪِي ڪَھُ مُنھِنجي ڪَنِ، اِرُثَ مَنجهان اُنِ جي.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ويھُ مَ ويسَلِي، تُون ھَڏِ وَتُ مَ ويسَلِي، تان ڪي جاڳِي اورِ اللهَ سين، مَحَبتَ جي مَيدانَ جِي، سُڄي ڳالِهہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڏُٻَرِيُون ڏُھاڳَڻِيُون، ميرا مُنھَن سَندانِ، ويھِي وَرَ سيڻانِ، ڪانڌَ نَہ اورِئو ڪَڏِھِين،[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- بَغَلَ مَنجِهہ بَندُوقَ، مارِيءَ ميرا ڪَپِڙا، مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪِ چَڙِهي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ميرا پَسِي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ ڪِئا، سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتِرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- مارُو نَہ ميرا، مِٽَ مُنھِنجا سُومَرا، اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا، پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- هُنَ ڏيھَ سَندا ڪَپڙا، هِنَ تَڙِ نَہ ڌُندِياسِ، موٽائي نِيندِياسِ، ميرائِي مَلِيرَ ڏي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]