ميرا جي سنڌي معنيٰ
مَرُ يا مٽيءَ هاڻا، گدلا، ڌوڙ ڀَڪليا. گندا، ڪِنا، (اصطلاح) اخلاق ۾ خراب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dirty, filthy, foul.
ميرا جا بيتن ۾ حوالا
ڀَلو مِيان مُحبَتِي مِٺِڙا مارُو،
اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ،
ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ،
ميرا ئِي مارِينِ مُون، تان جي پَکَرِجَنِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 7 ]
اَلا پِرِين اَچَنِ جِيءُ جِيارِئو جَنِ،
ري سُرِمي سُھڻا، ڪَجَلُ ڪوھُ وِجَهنِ،
ميرا ئِي مارِينِ مُون، تان جي پَکَرِجَنِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 7 ]
لوچِ دا وي بَلوچَ دا، ميرا مَنُ،
پِيران نوُن سَڏيِندِيان، سَڳَرَ پَٽِيدِيان،
اَلا ھو آڻِ مِلائِيين پُنهون ڪيچ دا.
[ سُر آبڙي، وايون، 10 ]
پِيران نوُن سَڏيِندِيان، سَڳَرَ پَٽِيدِيان،
اَلا ھو آڻِ مِلائِيين پُنهون ڪيچ دا.
[ سُر آبڙي، وايون، 10 ]
ڏُٻَرِيُون ڏُھاڳَڻِيُون، ميرا مُنھَن سَندانِ،
ويھِي وَرَ سيڻانِ، ڪانڌَ نَہ اورِئو ڪَڏِھِين،
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 21 ]
ويھِي وَرَ سيڻانِ، ڪانڌَ نَہ اورِئو ڪَڏِھِين،
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 21 ]
بَغَلَ مَنجِهہ بَندُوقَ، مارِيءَ ميرا ڪَپِڙا،
مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪِ چَڙِهي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 23 ]
مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪِ چَڙِهي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 23 ]
ميرا پَسِي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ ڪِئا،
سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 5 ]
سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 5 ]
مارُو نَہ ميرا، مِٽَ مُنھِنجا سُومَرا،
اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا،
پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 14 ]
اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا،
پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 14 ]
English Meaning
Dirty, filthy, foul.