موچارِي بابت
معنيٰ
سُھڻي، حَسين، سُندر، ٺاهوڪي، موچار. وچين خاصيت واري. پوري پني، وچولي، مڌيم. چڱي. چوکي، لائق، فائق، ڀَلاري، نيڪ.
Good, excellent, fine, beautiful. Middling, tolerable.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي جِيءُ مَ جُوءِ، مُنڌَ مَرَڻان پوءِ، پَهچاندِينءَ پُنُوھَ کي.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، ويھِي وِجُهہ مَ ويرُ، دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، سَندو ڦِرَڻ ڦيرُ، توڙي لَھين نَہ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ آڏو جَتَ، ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، اَجَلان اَڳي اَڄُ، ھُئِين جان ڪِي تان جِيئَري، مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ، پُنُوھَ سين پَھَڄُ، تَہ مَلَڪُ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ، بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ ماھَ، جَي وِھاڻِيءَ ويرَمَ ڪَرِين، مُون ھِينئَرَ ئِي ھَلاءِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڳالِهہ ھِنيَين سين…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ، راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ، رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ، اَنَا اَحْمَدٌ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي، اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ، سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،…[ سُر سورٺ - وايون ]
- ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي، سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي، ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي، ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي، بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي، فِڪرَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- تُون ڪِئان اَچين ڪاپَڙِي، موٽِئو ڪِيئَن مارِي، آئُون اُتاھِين ٿو اَچان، جِتِ مُومَلَ موچارِي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، چَندَنَ چَوڌارِي، سُوڌا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي، توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ، ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽ ٻُوھَ، ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ، سُتِي سَڄَڻَ…[ سُر مارئي - وايون ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُورِ نَہ موچارِيُون، وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکِيءَ جُون کارِيُون، اُنِين جُون آرِيُون، سَمي ريءَ ڪيرُ سَھي.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]