لوھُ بابت
معنيٰ
فولاد، سخت ٺوس ڌاتُو، (تير ڪمان)
Iron, arrows, steel
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ، وَٽان…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو، لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو، مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ، مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين ڪوھُ، تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ، ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ، ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرَ ناھِ اُساٽَ، لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ، ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا، لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا، دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏوھُ، تُون پارِسُ آئُون لوھُ، جي سَڃِيين تَہ سونُ ٿِيان.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُتِ ڪا ڪَمِي ڪِيرَتِ جِي، ڪِيرَتِ ڪَرِيين ڪوھُ، بندو جَو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوھُ، تُون پارَسُ آئُون لوھُ، سَڃِيين…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ مُون کي ڪَندا ڪوھُ، صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ، لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين…[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]