لوھُ جي سنڌي معنيٰ
فولاد، سخت ٺوس ڌاتُو، (تير ڪمان)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Iron, arrows, steel
لوھُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تَنھِن لورِيءَ لوھُ ٻِئو،
لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو،
مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 5 ]
لَڳي ڪانُ ڪَپارَ مان، ڪَڙَڪو ڪُندَ ڪِئو،
مَنجهان مُون وَھِئو، گَهائِيندو گَهٽَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 5 ]
لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين ڪوھُ،
تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 7 ]
تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 7 ]
سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا،
پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ،
ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 8 ]
پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ،
ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 8 ]
اُتِ ڪا ڪَمِي ڪِيرَتِ جِي، ڪِيرَتِ ڪَرِيين ڪوھُ،
بندو جَو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوھُ،
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، سَڃِيين تان سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 19 ]
بندو جَو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوھُ،
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، سَڃِيين تان سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 19 ]
خَبَرَ ٿِئي کَرَنِ کي، تَہ مُون کي ڪَندا ڪوھُ،
صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ،
لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين رَتُ رُئاڙِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 3 ]
صُورَتَ سُپَيرِيَن جِي، ڏِٺي ڪو نَہ ڏوھُ،
لورِي لَڳُمِ لوھُ، جَنھِين رَتُ رُئاڙِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 3 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏوھُ،
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، جي سَڃِيين تَہ سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 10 ]
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، جي سَڃِيين تَہ سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 10 ]
English Meaning
Iron, arrows, steel