فَقِيرَ بابت
معنيٰ
مسڪين، مفلس، ڪنگال، کٽل، محتاج، غريب، نادار، ڪسمَپرسي جي حالت وارو. درويش، الله لوڪ. صاحب معرفت، صاحب فقر، قانع، سالڪ، تارڪ الدنيا، زاهد. عابد، متقي، ديندار. اهو درويش جو پنھنجي ٻارن ٻچن لاءِ هڪ ويلو ۽ وڌ ۾ وڌ ٻن چئن ويلَن جو بکاري.
Beggar, religious mendicant, devotee, a pious person used as a title of respect to all Muslims.
بيتن ۽ وائين ۾
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ، ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ، ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ چِيرَ، سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ، تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ، مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ، جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ سُمَهِي، بُکَ مَرَندي بِکِئا، ڪَنھِن کان ڪِينَ گُهرَنِ، ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳِئا پِنِي ماٺِ جِي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪاپَڙِي ڪَنَ چيرَ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، دِلِ ھَڻِي وِئا دَلَقَ سين، ڦورُو ھُئَڙا فَقِيرَ، سِڱِيُون مَنجِهہ سَرِيرَ، ھَڻِي وِئا حِلمَ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- مارُئِي ناھِ مَلِيرَ ۾، نَہ ڪا وَٽِ حَمِيرَ، پُنهون ڪونِهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَمِيرَ، مُومَلَ ناھِ ماڙِيين، گَنجي ناھِ…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ، مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]