فَقِيرَ جي سنڌي معنيٰ
مسڪين، مفلس، ڪنگال، کٽل، محتاج، غريب، نادار، ڪسمَپرسي جي حالت وارو. درويش، الله لوڪ. صاحب معرفت، صاحب فقر، قانع، سالڪ، تارڪ الدنيا، زاهد. عابد، متقي، ديندار. اهو درويش جو پنھنجي ٻارن ٻچن لاءِ هڪ ويلو ۽ وڌ ۾ وڌ ٻن چئن ويلَن جو بکاري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beggar, religious mendicant, devotee, a pious person used as a title of respect to all Muslims.
فَقِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ چِيرَ،
سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ،
تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،
جٖي فَنا ٿِئا فَقِيرَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 4 ]

عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ،
مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ،
جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 10 ]

ڪاپَڙِي ڪَنَ چيرَ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي،
دِلِ ھَڻِي وِئا دَلَقَ سين، ڦورُو ھُئَڙا فَقِيرَ،
سِڱِيُون مَنجِهہ سَرِيرَ، ھَڻِي وِئا حِلمَ جُون.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 26 ]

مارُئِي ناھِ مَلِيرَ ۾، نَہ ڪا وَٽِ حَمِيرَ،
پُنهون ڪونِهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَمِيرَ،
مُومَلَ ناھِ ماڙِيين، گَنجي ناھِ فَقِيرَ،
وَرُ ڇڏِئو واهَڙُ تَري، ساهَڙُ مَنجِهہ سَرِيرَ،
ڪُٻَنِ ڪِينِهي پِيرَ، مُرشِدَ مَساڻَنِ ۾.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 9 ]

جُھ سي لوڙائُو ٿِئا، جَنِي سَندِيءَ ڌِيرَ،
مارُوئَڙا فَقِيرَ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيندا دانھَڙِي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 2 ]

عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ،
ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ،
ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي پُورو ٿِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 5 ]