فَقِيرِ جي سنڌي معنيٰ
مسڪين، مفلس، ڪنگال، کٽل، محتاج، غريب، نادار، ڪسمَپرسي جي حالت واري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beggar, poor, devotee.
فَقِيرِ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جا ڪَڙَڪا،
سَھي ڪِينَ سَمُنڊَ جا، ماندِي دِلِ ڌَڙَڪا،
ساھَڙَ سُڻِجِ ڪا، فَرِيادِي فَقِيرِ جِي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 10 ]

ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين،
آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو،
مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، نَہ مُون اُٺُ نَہ ناقو،
ھُوءَ جا پِڪَ پُنهونءَ جِي، چَٽِيان تَنھِن چُئاڪو،
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِيرِ پوءِ مَ فاقو،
چَڙھِي نَہ سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونِهي ڏاڪو،
پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وجِهندِيَسِ واڪو،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ ۾، لَکَ مَ پوءِ لِياڪو،
آرِيءَ جو آتَڻَ ۾، پُڇَندِيَسِ پاڻَ پَھاڪو.
[ سُر آبڙي، وايون، 17 ]

پيرَ پَٽايِئن ڪُونئَرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، سِيرُون ٿِئا سي،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پُري پُنهونءَ ڏي،
وَڃِي مانَ وَري، ٻانِهيءَ ٻانڌَڻُ جَنھِن سين.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 19 ]

آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بَرِ چَڙِهي بانڪا،
ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، چَڙَھَندي چَڙَھَندي چَڙاھاڪا،
ھُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جا ڪا، وِئا پُڄائي پانھِنجِي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 2 ]

مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ساٿِي نَہ پانڌِي،
لَٽي لوڙُه فَقِيرِ جو، ڪالَهہ وَھِئا ڪانڌِي،
جَا دِلِئُون دَرماندِي، تَنھِن کي رَسِجِ رَھبَرَ راھَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 17 ]

ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]

ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا،
ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئا ڇيرِيُون ڇَمڪائي،
ڇَڙِھِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، وِئا ڪَرَھَلَ ڪُڏائي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، اَڃا آسِرو آھي،
واڳُون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِيرِ تي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 18 ]

ڇَپَرَ جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي،
ڏُونگَرَ تُھان ڌارَ، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 5 ]

ڇَپَرَ جا سُونھان، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي،
دَردَ جا دُونھان، مُون مارِيندا موٽُ تُون.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 6 ]

جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾،
ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَہ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ،
عالَمَ جا سَردارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 2 ]