فَقِيرُ جي سنڌي معنيٰ
مسڪين، مفلس، ڪنگال، کٽل، محتاج، غريب، نادار، ڪسمَپرسي جي حالت وارو. درويش، الله لوڪ. صاحب معرفت، صاحب فقر، قانع، سالڪ، تارڪ الدنيا، زاهد. عابد، متقي، ديندار. اهو درويش جو پنھنجي ٻارن ٻچن لاءِ هڪ ويلو ۽ وڌ ۾ وڌ ٻن چئن ويلَن جو بکاري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beggar, religious mendicant, devotee, a pious person used as a title of respect to all Muslims.
فَقِيرُ جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي،
سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين،
آکي لَطِيفُ فَقِيرُ غَرِيبِي ڪِيجي، صَبُرُ شُڪر دِي گهُٽِڻي پِيجي،
دِلِ ڪُون چا نَصِيحَتَ ڪِيجي، نَفسَ ڪُتي ڪُون مارَڻُ ڪاتِي،
آکي لَطِيفُ فَقِيرُ مَين پِئا حُجري، ڪِتلي سالِ ڳَڻيندي گُذري،
اَڃا نَہ پَهتِي پِيَ ڪي مُجري، مَنَ ڪِنارِيءَ لاتِي.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 4 ]

ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ مُنِيرُ،
فَيضُ فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 4 ]
فَيضُ فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 4 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بيکارِي،
سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 5 ]
سامِيءَ سيلو سِرَ تي، مالَها موچارِي،
ڏيئِي ڏيکارِي، فَقِيرُ دِلِ ڦَٽي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 5 ]
English Meaning
Beggar, religious mendicant, devotee, a pious person used as a title of respect to all Muslims.
فَقِيرُ ٻول جا زمرا