عالَمَ بابت
معنيٰ
دنيا، جھان، جڳ، سنسار، جڳت. پرٿڻي. مخلوق، آدم، لوڪ، خلق. زمانو، وقت، دؤر، سمو، عهد وغيرہ
Universe, times, creations, cosmos, eon, epoch
عالم: (ع) ساري جڳت يا ڪائنات، زمين ۽ آسمان، دنيا ۽ آخرت وغيرہ. چون ٿا تہ ڪل 18 ھزار عالم آھن.

بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي، قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ، والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ، چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي، ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين، سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين، مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا، دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئائِين، روضو پاڪَ رَسُولَ جو، رِيجِهي رانيائِين، آڻي ڏِنائِين، عالَمَ آبُ اَگُوندِرو.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ، اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، ساجُهرِ شَهزادَنِ جِي، عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَ روھي جَهلِئا.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جَبَلَ جِتِ جَهجها، موٽُ مُحَّمَدَ ڪارَڻِي، عالَمَ جا اَجها، پُنهونءَ ري سَنجها، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڪينُون ڀائِي آکان ٻولِڪي، گهايَل ڪِيتِيَ مَين سُولِ سَڄَڻدي، چَنڊُ چَڙِهئا ڪُلُ عالَمَ ويکِئا، رانجُهو لَڌَڙُمِ ڳولِڪي، مَين رانجَهنِدِي رانجَهنُ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪانَہ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ، عالَمَ جا سَردارَ، وارِجِ واڳَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو رُوندو، ”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو ٿو چُوندو، ھَڏِھِين نَہ ھُوندو، اُنِهان پوءِ عالَمَ ۾.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جوڳِي جَڳِ نَہ وَڳِ، جَڳُ نَہ ڏِٺو جوڳِيين، آديسِي عالَمَ کان، لاھي چُرِئا لَڳِ، سامِي ٿِئا سَرَڳِ، تَڪِيا پَسُون تَنِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ميرِي ميرِي ڪَري تيري، بانو سارا جَنَبُ گَيا، گورَکُ گودَڙِيَنِ وَٽَ، آسَڻَ تي آيو، آديسي عالَمَ کان، رُٺَڙائِي رَھو.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- آروڙِجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دُکَ، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، عالَمَ تان اَھُکَ، تَنِ سَرَڻِنِ ٿِئا سُکَ، جي اَجهي آيُون اَبِڙي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو ويلو ڪَنھِن نَہ وِجهي، سَمُو تَنِ سَنَڃي، جٖي اَڻَ تِوڻِئا عالَمَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان، رَءِ جَنھِن جي رَتِيُون، سوجهي سُوٺائُون، پَسَنِ پَراھُون، اورانگهِئو عالَمَ تان.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- سُرمو سُفيدِيءَ جو، جَڏھِن وِڌو جَنِ، تَڏِھِين ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ، ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ، مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ، ويڙِھ پَسان…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو، جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي، ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]