سَٻَڙُ بابت
معنيٰ
لس ٻيلي ۾ ھڪ سخي حاڪم جو نالو، جيڪو ”سخي سٻڙُ ڄام“ طور مشھور ھئو.
Name of a generous king of Lass. He was famous with Sakhi Sabadu Jam name.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَبَڙو اَگامَنِ ۾، سَٻَڙُ جِيئَن ٻيلي، سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي، سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- سَٻَڙُ ساھَ پَساھَ، جاجِڪَ جِمَ وِسارِيين، ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ، لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون صاحِبُ آئُون سَڳُ، پُڇِي تُنھِنجو پَڳُ، ڪُلِهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون پارَسُ آئُون پينارُ، ڏِسَندي ڏاتارُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏَڏُ، سُڻِي تُنھِنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏوھُ، تُون پارِسُ آئُون لوھُ، جي سَڃِيين تَہ سونُ ٿِيان.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي، جو وَھي سو لَھي، ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري، آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُڀِرئِو تارو، اُٿِي وَرَ وِھاڳُ ڏي، سَٻَڙُ رِيسارو، چِتَ پَرَکي، مڱڻين.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- چوٽاڻِي چوٽَ وَھي، سُڪا سانگَ ڀَري، ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي، سَٻَڙُ سَھجِي ڏي، اِنَ راھَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇِلئا مِينھَن…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]