سَٻَڙُ جي سنڌي معنيٰ
لس ٻيلي ۾ ھڪ سخي حاڪم جو نالو، جيڪو ”سخي سٻڙُ ڄام“ طور مشھور ھئو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a generous king of Lass. He was famous with Sakhi Sabadu Jam name.
سَٻَڙُ جا بيتن ۾ حوالا
اَبَڙو اَگامَنِ ۾، سَٻَڙُ جِيئَن ٻيلي،
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
سَٻَڙُ ساھَ پَساھَ، جاجِڪَ جِمَ وِسارِيين،
ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ،
لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 2 ]
ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ،
لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 2 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون صاحِبُ آئُون سَڳُ،
پُڇِي تُنھِنجو پَڳُ، ڪُلِهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 7 ]
پُڇِي تُنھِنجو پَڳُ، ڪُلِهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 7 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون پارَسُ آئُون پينارُ،
ڏِسَندي ڏاتارُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 8 ]
ڏِسَندي ڏاتارُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 8 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏَڏُ،
سُڻِي تُنھِنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 9 ]
سُڻِي تُنھِنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 9 ]
ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي، جو وَھي سو لَھي،
ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري،
آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ سَھي،
جو راءَ وَٽِ راتِ رَھي، تَنھِن کي جُکِي جانڪِيتا نَہ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 12 ]
ريءَ رُونجهاڻِيءَ راڄِيي، اِيھين ڪيرُ ڪَري،
آرِيُون اَٻوجَهنِ جُون، سَٻَڙُ ڄامُ سَھي،
جو راءَ وَٽِ راتِ رَھي، تَنھِن کي جُکِي جانڪِيتا نَہ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 12 ]
اُڀِرئِو تارو، اُٿِي وَرَ وِھاڳُ ڏي،
سَٻَڙُ رِيسارو، چِتَ پَرَکي، مڱڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 31 ]
سَٻَڙُ رِيسارو، چِتَ پَرَکي، مڱڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 31 ]
چوٽاڻِي چوٽَ وَھي، سُڪا سانگَ ڀَري،
ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي، سَٻَڙُ سَھجِي ڏي،
اِنَ راھَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇِلئا مِينھَن جِيئَن.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 39 ]
ڪوڏَئُون ڏانَ ڏَڏَنِ کي، سَٻَڙُ سَھجِي ڏي،
اِنَ راھَ مَٿي رُونجهي، ماڻِڪَ اُڇِلئا مِينھَن جِيئَن.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 39 ]
تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏوھُ،
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، جي سَڃِيين تَہ سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 10 ]
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، جي سَڃِيين تَہ سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 10 ]
English Meaning
Name of a generous king of Lass. He was famous with Sakhi Sabadu Jam name.