سَٻَڙَ جي سنڌي معنيٰ
لس ٻيلي ۾ ھڪ سخي حاڪم جو نالو، جيڪو ”سخي سٻڙُ ڄام“ طور مشھور ھئو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a generous king of Lass. He was famous with Sakhi Sabadu Jam name.
سَٻَڙَ جا بيتن ۾ حوالا
مُوڙھو ڀُڻين مَڱڻا، ڪيڏانھَن ھُئَين ڪالَهہ،
لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ،
سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 1 ]
لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ،
سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 1 ]
اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ جُون،
اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ،
جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 4 ]
اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ،
جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 4 ]
ميرا پَسِي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ ڪِئا،
سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 5 ]
سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 5 ]
اُٿِئو اَٻوجها، سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئو،
جِيئَن اَئِين ڪِيرَتِ ڪَٽُ نَہ سِکِئا، تِيئَن پاڻان رِيڌو راءُ،
مَڱو مُون مُلا، آئُون اَوِھان جو آھِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 6 ]
جِيئَن اَئِين ڪِيرَتِ ڪَٽُ نَہ سِکِئا، تِيئَن پاڻان رِيڌو راءُ،
مَڱو مُون مُلا، آئُون اَوِھان جو آھِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 6 ]
ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱِڻو،
نَہ ڪَنھِن نِيو پاڻَ سين، نَہ ڪَنھِن ڪِئو گَڏُ،
سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، کَڻِي ڏَڏُ ڏُئِلِيءَ چاڙِھِئِو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 25 ]
نَہ ڪَنھِن نِيو پاڻَ سين، نَہ ڪَنھِن ڪِئو گَڏُ،
سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، کَڻِي ڏَڏُ ڏُئِلِيءَ چاڙِھِئِو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 25 ]
ٻُجهان ٻاجَهہ ٿِي، ٻاجهاڻو ٻيلي ڌَڻِي،
سَٻَڙَ سا سُئِي، جا چارَڻَ جي چِتَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 28 ]
سَٻَڙَ سا سُئِي، جا چارَڻَ جي چِتَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 28 ]
اِيءُ نَہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِيئَن ڪِيريءَ ٽَنگِيين ڪِينِرو،
سَٻَڙَ جي سَلامَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ،
توکي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱِڻو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 30 ]
سَٻَڙَ جي سَلامَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ،
توکي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱِڻو.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 30 ]
پِئو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين،
اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ،
رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ،
تِئان ميڙي مُٺَ، چُونڊي ڀَرِئا چارَڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 32 ]
اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ،
رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ،
تِئان ميڙي مُٺَ، چُونڊي ڀَرِئا چارَڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 32 ]
ڪَرِ تَنِي جِي ڪا، جاجِڪُ آھين جَنِ جو،
سَٻَڙَ گهَڻو سُهاءِ، تَندُ تُنھِنجِي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 36 ]
سَٻَڙَ گهَڻو سُهاءِ، تَندُ تُنھِنجِي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 36 ]
ڏُرمَنِ جي ڏيئِي، سيئِي مَڱُ مَ مَڱڻا،
سَٻَڙَ سَندي دَرَ تي، ڪَرِ وينَتِيُون ويھِي،
پُڇي نَہ ڏيئِي، وَرِي ليکو نَہ ڪَري.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 51 ]