سَٻَڙَ بابت
معنيٰ
لس ٻيلي ۾ ھڪ سخي حاڪم جو نالو، جيڪو ”سخي سٻڙُ ڄام“ طور مشھور ھئو.
Name of a generous king of Lass. He was famous with Sakhi Sabadu Jam name.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُوڙھو ڀُڻين مَڱڻا، ڪيڏانھَن ھُئَين ڪالَهہ، لَنگها ڇَڏِ لَطِيفُ چئَي، اُجَهڻَ جا اَفعالَ، سَٻَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ تَہ قِيمَتَ ميڙِيين.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ جُون، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ، جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ميرا پَسِي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ ڪِئا، سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُٿِئو اَٻوجها، سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئو، جِيئَن اَئِين ڪِيرَتِ ڪَٽُ نَہ سِکِئا، تِيئَن پاڻان رِيڌو راءُ، مَڱو مُون مُلا، آئُون…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱِڻو، نَہ ڪَنھِن نِيو پاڻَ سين، نَہ ڪَنھِن ڪِئو گَڏُ، سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، کَڻِي ڏَڏُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ٻُجهان ٻاجَهہ ٿِي، ٻاجهاڻو ٻيلي ڌَڻِي، سَٻَڙَ سا سُئِي، جا چارَڻَ جي چِتَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اِيءُ نَہ ڀانَنِ ڀيرُ، جِيئَن ڪِيريءَ ٽَنگِيين ڪِينِرو، سَٻَڙَ جي سَلامَ سين، وِجِهي ويٺين ويرُ، توکي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتِ ڌاران…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پِئو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، اُٿِي آڌِيءَ نَہ ڪَرِين، سَٻَڙَ ساڻُ سَھَٽَ، رُونجهي راتِ اُپَٽِئا، پيتِيائِين پاڻِيٺَ، تِئان ميڙي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڪَرِ تَنِي جِي ڪا، جاجِڪُ آھين جَنِ جو، سَٻَڙَ گهَڻو سُهاءِ، تَندُ تُنھِنجِي مَڱڻا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اَگِهئا ويڻَ وِھاڳَ، ڏِنگا ڦِڏا ڏَڏَ جا، مَٿي موٽِئا مَڱڻين، سَندا ڏِينھَن سُھاڳ، رُوءِ ٿِئو ڏاران راڄَ، سَٻَڙَ راتِ سَمَگِئو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏُرمَنِ جي ڏيئِي، سيئِي مَڱُ مَ مَڱڻا، سَٻَڙَ سَندي دَرَ تي، ڪَرِ وينتِيُون ويھِي، پُڇي نَہ ڏيئِي، وَرِي ليکو نَہ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]