رَڇَ بابت
معنيٰ
وڏا مضبوط ڄار، مڇيءَ ڦاسائڻ جو ڄار، وڏا ڄار
Fishing net
بيتن ۽ وائين ۾
- اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي، آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ، ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِھائين، مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن، تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- ڪو جَو قَھَرُ ڪَلاچَ ۾، جَو گِهڙي سو ني، خَبَرَ ڪو نَہ ڏي، تَہ رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِئا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جانۡ گِهڙَندائو گهاتُوئا، تانۡ رَڇَنِ ڏِئو رَنڱَ، سَڳايُون ۽ سَڱَ، ڪَلاچِي ڪِينَ ڪَري.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ، سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ، ھِي ڇارُون ۽…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ، گهَٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ، تَڏَھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ، بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- گهاتُوئَڙا اَدا، مَتان اَئِين رَڇَ وِڃايو، گهوري ماري گهاتُوئا، رَڇَنِ رَنڱُ ڏِجائو، مَهِندان اِنَ مُلِڪَ جو، اَئِين ڪو ڊَپُ ڪِجائو،…[ سُر گهاتو - وايون ]
- جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا. ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ. ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.…[ سُر گهاتو - وايون ]
- تَڙِ تَرِيُون ڍوئِينِ، ڪَنِ رِھاڻِيُون ريلَ ۾، رَڇَ پَنھِنجي راڄَ ۾، ويٺِيُون سَموھِينِ، مُھاڻِيُون موھِينِ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]