رَڇَ جي سنڌي معنيٰ
وڏا مضبوط ڄار، مڇيءَ ڦاسائڻ جو ڄار، وڏا ڄار
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fishing net
رَڇَ جا بيتن ۾ حوالا
اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ،
ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 5 ]
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ،
ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 5 ]
پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِھائين،
مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 14 ]
مُون کي تِئائيِن، ڀيلو ئِي ڀاڱي پِئو.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 14 ]
ڪو جَو قَھَرُ ڪَلاچَ ۾، جَو گِهڙي سو ني،
خَبَرَ ڪو نَہ ڏي، تَہ رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 3 ]
خَبَرَ ڪو نَہ ڏي، تَہ رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِئا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 3 ]
ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ،
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ،
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 25 ]
تَڙِ تَرِيُون ڍوئِينِ، ڪَنِ رِھاڻِيُون ريلَ ۾،
رَڇَ پَنھِنجي راڄَ ۾، ويٺِيُون سَموھِينِ،
مُھاڻِيُون موھِينِ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 16 ]
رَڇَ پَنھِنجي راڄَ ۾، ويٺِيُون سَموھِينِ،
مُھاڻِيُون موھِينِ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 16 ]
جيڪُسِ جَهلِيا مَڇَ، گهاتُو گهَرِ نَہ آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]
ڪاھي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُري تي بَڇَ.
ڪاٿَي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿَي سَندِيَنِ رَڇَ.
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِئان اَڇَ.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چي، سَڀَ لَگِهيندا ڇَڇَ.
[ سُر گهاتو، وايون، 2 ]
جِيئَن جُهڳا پائِيين جهولَ ۾، اِيئَن نَہ مَرَنِ مَڇَ،
سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ،
ھِي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھُ اَڳاھُون ٿِئو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 19 ]
سَڌَرَ لَهر سَمُنڊَ جِي، ڪي رائُو رَڱِجِ رَڇَ،
ھِي ڇارُون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھُ اَڳاھُون ٿِئو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 19 ]
گهاتُوئَڙا اَدا، مَتان اَئِين رَڇَ وِڃايو،
گهوري ماري گهاتُوئا، رَڇَنِ رَنڱُ ڏِجائو،
مَھِندان اِنَ مُلِڪَ جو، اَئِين ڪو ڊَپُ ڪِجائو،
ڪَري صَلاحَ سَيِّدُ چئَي، اُونِهي اُھَريجائو.
[ سُر گهاتو، وايون، 1 ]
گهوري ماري گهاتُوئا، رَڇَنِ رَنڱُ ڏِجائو،
مَھِندان اِنَ مُلِڪَ جو، اَئِين ڪو ڊَپُ ڪِجائو،
ڪَري صَلاحَ سَيِّدُ چئَي، اُونِهي اُھَريجائو.
[ سُر گهاتو، وايون، 1 ]
نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين،
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن،
تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ ڪَرِينِ ڪَمَ سين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 13 ]
ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن،
تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ ڪَرِينِ ڪَمَ سين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 13 ]
English Meaning
Fishing net