راڄَ بابت
معنيٰ
رعيت، رعايا، عام ماڻهو، پرجا. قوم. آبادي. بادشاهي، صاحبي، حڪومت. ملڪ، علائقو.
A body of husbandmen or subjects, a body of persons of any particular trade or class in the community. Peasantry. Relations, kinsmen, family, race, brotherhood.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُون کي ڀانئين ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا ھَلِئا، اَڳِيان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کاڄَ، ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪِي ڳايَمِ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ويٺِي نِتُ نِھارِيان، راڻا تُنھِنجو راھُ، موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اللهُ، سوڍا تو ڳَرِ ساھُ، نَہ تَہ راڻا گَهڻا راڄَ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ، گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ، راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- جيڏِيُون جِيئَن ڪِئو، سوڍي مُنھِنجي ساھَ سين، ھِنيين سين ھاڃُو ڪَري، وِڏُوڻِجِي وِئو، سو ڏِسڻ ڏيھُ پِئو، راڻو جَنھِن راڄَ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾، ھُئِي جَنِي ھاڪَ، مَحلي مِيرَ مُقِيمَ جي، مَٽَنِ اُٺِي ماڪَ، ھُو جٖي پِرھَ پِياڪَ، سي…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾، مَٿي جَنِ مَڻِي، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ڌوراڙِنِ ڌَڻِي، اُتَرَ لَڳِئي اُنِ جا، ڇاڄا پِئا…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- سامِي تُون سُلُوڪَ کي، ھَٿان ھَڏِ مَ ڇَڏِ، لَڏِيندَنِ سين لَڏِ، تَہ رَھين تُون راڄَ ڪَري.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، دُھِلَنِ دَمامَنِ نُقِرين، پَرِ ۾ پُڇياسِ، جيلاھَ ڍولي ڍيلِياسِ، تي ٿِيَسِ ڏُھاڳَڻِ ڏيھَ ۾.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، دائِيين، ٻائِيين دَرَبانِيين، ٿي پَرِ ۾ پُڇِياسِ، دُھِلين دَمامين نُقِرين، ٿي وِچَ ۾ وِھارِياسِ،…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، ٻِيُون سَڀَ سُگَلِيُون، اَگَلِي آئُون، صِدِقُ صَدائُون، ڪِھَڙِيُون ڪَرِيان تَنِ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڀُڄِئان ڀُلِي نِڱِئو، ڏيئِي پاٻوڙي پيرُ، جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ ويرُ، ڪَڇِ رَھَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اوڏِڻِ اوڏِي آءُ، توکي لاکي ڪوٺِئو، سَندو مِٽِيءَ مامِرو، لَٿو تو مَٿان، راڻِيُون گهَڻِيُون راڄَ ۾، توتي ريڌو راءُ.[ سُر ڏھر - وايون ]
- اَگِهئا ويڻَ وِھاڳَ، ڏِنگا ڦِڏا ڏَڏَ جا، مَٿي موٽِئا مَڱڻين، سَندا ڏِينھَن سُھاڳ، رُوءِ ٿِئو ڏاران راڄَ، سَٻَڙَ راتِ سَمَگِئو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ٺاھِينِ مَڏَ، پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ، ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، پييَسِ پَنوَھارِيُون چِتِ، راڄَ رُئاڙي ھَنجُون ھاري، ھِيءَ ھُتي جِي ھِتِ، آھيسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ساڻيھُ مُون سُڃَ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏورِ، راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ، ڏاڍي ڪَنھِن ضَرورِ، آندِي کُهِبِڙِيارِي لوءِ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- لوھَ جا پُونِ لَھِي، نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، ڪُنجِيُون جٖي قُفلَنِ جُون، سيڻَنِ ھَٿِ صَحِي، وِئَڙا راڄَ رَھِي، ماڳو…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا راڄَ ڪَري، هِنيُون مُنھِنجو تَنِ کي، ڏِهاڙِي ڏِري، مَلِيرِ مُنھُن ڪَري، ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا راڄَ رَهِي، مُنھِنجا سيڻَ سَيِّدُ چئَي، ساڻيھَ مَنجِهہ صَحِي، وَنِيُنِ راتِ وَهِي، مُون تان بَندُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾، ڏيھَ وَڻَ ٿِئَڙَمِ ڏُورِ، راڄَ لَڏايا سُومَري، عُمَرَ ڪَري اُورِ، ڏاڍي ڪَنھِن ضَرُورِ، مُلڪُ مارُنِ ڇڏِئو.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ڳالِهيُون ڳُڻَ ڇَڏي، سَنڪي سَندي سُومَري، وِئَڙا راڄَ لَڏي، وَڃِي ويٺا ويڙِهيين، اَجهائُون اَڏي، ڀِرِي ڀاڳِ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- پَنِ پَٻَڻِ ڪُمَ ڪُوڻِيُون، مَٿي جَرَ جَهرڪَنِ، اَچي رَھِئا ريلَ ۾، ڪارَڻِ ڪالوڙنِ، سَھِسين راڄَ سَيِّدُ چئَي، پاسي تَنِ پَرَنِ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- تَڙِ تَرِيُون ڍوئِينِ، ڪَنِ رِھاڻِيُون ريلَ ۾، رَڇَ پَنھِنجي راڄَ ۾، ويٺِيُون سَموھِينِ، مُھاڻِيُون موھِينِ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]
- ھَنجَ نَہ ھُلائِين، سَڄَڻَ نَہ ٽِلَنِ سيرِيين، لَڏي ڏورِ نَہ وَڃِڻا، مَرِي مَ ڦوڙائِينِ، سُڃا پَڊَ پِرِيَنِ جا، کَنَرَ ٿا…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]