رازَ بابت
معنيٰ
لِڪل ڳالهيُون، ڳُجها مامرا، ڀيدَ، اسرار. لِڪ، منجهہ.
Secrets, encods, enigmas.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ، کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ، رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- ڪالَهہ وَڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جِھازَ، تُنھِنجِي اَڄُ طَرازَ، آھي آرَ اَکِيُنِ ۾.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- مُلاحِظو مَھِراڻَ جو، مُورِ مَ لاھِ مَنان، سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ، جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ، دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ، سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي، اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو، صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي تان نَہ وِھي، لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پَھَڻنِ مَنجِهہ پِھي، سَندي نِينھَن نِھي، ڪِي سَرفِرازَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي، مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي، ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي، ڳالِهيُون…[ سُر ديسي - وايون ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ، رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ، قُربُ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]