رازَ جي سنڌي معنيٰ
لِڪل ڳالهيُون، ڳُجها مامرا، ڀيدَ، اسرار. لِڪ، منجهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Secrets, encods, enigmas.
رازَ جا بيتن ۾ حوالا
اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ،
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 15 ]
کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 15 ]
لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي،
اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو،
صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو ليکِئا اَڄُ لاٿو،
پييَسِ سَھِوَ سَيِّدَ سين، ٿِيُسِ نِمرُودَ سين ناتو.
[ سُر سھڻي، وايون، 19 ]
اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو،
صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو ليکِئا اَڄُ لاٿو،
پييَسِ سَھِوَ سَيِّدَ سين، ٿِيُسِ نِمرُودَ سين ناتو.
[ سُر سھڻي، وايون، 19 ]
جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي،
مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي،
ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي،
ڳالِهيُون ڪَنديَس ڳُجِهيُون، مُنھِن مُقابِلَ ويھِي،
کَٿُورِي بارُ کَڻِي، آيا ڏُونگَرَ ڏيھِي،
سَرڪَشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 6 ]

مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ،
رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
قُربُ ڪاپَڙِيَنِ، نَنھَن چوٽِيءَ سين ڍَڪِئو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 3 ]