رازِقَ جي سنڌي معنيٰ
روزِي پھچائيندڙ، خوراڪ عطا ڪرندڙ، الله سائينءَ جو ھڪ صفاتي نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sustainer, cherisher, provider, the supplier of the means of subsistence, one of the attributes of Allah.
رازِقَ جا بيتن ۾ حوالا
قِسمَتَ آندِيُون ڪُونجڙَيُون، وَطَنُ سَندُنِ روھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 10 ]
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، رِزقُ رازِقَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 10 ]
اَوَلِ نامُ اللهَ جو، مِڙنِئُون مَٿاھُون،
ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون،
رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 1 ]
ڪِيئَن ڪَري قَبُولِئان، عُمَرَ کي آئُون،
رازِقَ رَضائُون، مُون مَٿي اُتي مَڃِيُون.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 1 ]
ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]