جَهلَ بابت
معنيٰ
وٽ ۾، پاسي ۾، پاسي، ويجهو، ڀر ۾، ڀِڪ ۾.
Near to, close to, closely, beside.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ جَهلَ، ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- سانگِ مَ وَڃَنِ سُپِرِين، مَرُ ھيڪاندا ھُونِ، اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا سُپِرِين، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ، وِرِھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا، ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ، ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ، ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مُون کي جَهلَ مَ پايو، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي، ھِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تان سَڀَ لاھِيو، آھي…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جيڏِيُون جَهلَ مَ پايو، آئُون ويندَڙِي پار پِريَن جي، اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرَ ڏيجُ مُون آيِو، مُون کي ڏِينھَن…[ سُر معذوري - وايون ]
- مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو، اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ، جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪَلَ، قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ، سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي آيَلِ جَهلَ مَ پاءِ، جَهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نَہ آڇِيين ماءِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي پَھِيَڙا، ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ، مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ، جِتي نِينھَن اُڇَلَ، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سَڀَڪو پَسي پِرِينءَ کي.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي، آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ، سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀي ڍَنگهَرَ جَهلَ، ٻَڙِي ھِتان ٻَلَ، ڪيتِريُون ڪاھي وئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ، مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ٿاجا ٿَرَ ڀَرَ جَهلَ، پِٻُون پائُرَ وَٽِ ۾، سيئِي سارِئو سُومَرا، اَچي آبُ اُڇَلَ، تَنِ سانبِيَنِ وِڌَمِ سَلَ، ڏِٺي جَنِ…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، اُڪَنڊِي آئُون، ماڻِيان هُوندَ مَلِيرَ ۾، سَرَتِيُنِ سين سائُون، اَڀاڳِي آئُون، ويٺِي جِهڄان جَهلَ ۾.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- ويٺِي جَهڄان جَهلَ ۾، نَئُون ٿِئُمِ نِڀاڳُ، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِينِ سَرَتِيُون ساڳُ، ويچارِيءَ ويراڳُ، وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جو.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتِ اَباڻَنِ اَڪَ، مُون جيڏِيُون مَليرَ ۾، ميڙيو اَچَنِ مَڪَ، ڍنگَهر وڏِي ڍَڪَ، جو وِلَهَہ جَهلَ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- پَرَ جَهلَ پييَمِ راتِڙِي، ٻِي ٻاٻاڻِنَؤُن ڌارَ، رُنَمِ راتِ رَتَ ڦُڙا، نائي نيڻنِ نار، ويچارا پَنوَهارَ، ڏٺِي مُون ڏِينھَن ٿِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- هَي ڀُنگا، هَي ڀيڻِيُون، اَباڻَنِ اُتَرَ جَهلَ، ڪي ڏِينھَن هِتي جيڏِيين، هُئِي ڇيلَنِ ساڻُ ڇَلَ، سي هَنڌَ پَسِئو سُومَرا، اَچي…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]