جَهلَ جي سنڌي معنيٰ
وٽ ۾، پاسي ۾، پاسي، ويجهو، ڀر ۾، ڀِڪ ۾.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Near to, close to, closely, beside.
جَهلَ جا بيتن ۾ حوالا
مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ،
مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين،
نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، اَچي آبَ اُڇَلَ.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 24 ]
مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين،
نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، اَچي آبَ اُڇَلَ.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 24 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ جَهلَ،
ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 10 ]
ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 10 ]
سانگِ مَ وَڃَنِ سُپِرِين، مَرُ ھيڪاندا ھُونِ،
اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 10 ]
اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 10 ]
کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا سُپِرِين،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ،
وِرِھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 23 ]
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ،
وِرِھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 23 ]
مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 7 ]
ڪا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 7 ]
مُون کي جَهلَ مَ پايو، جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي،
ھِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تان سَڀَ لاھِيو،
آھي عاجِزِنِ تي، سُپيرِيان جو سايو،
ڪِينَ وِھِندِيَسِ ڪُنڊَ ۾، نَہ مُون پَيءِ نَہ پايو،
ڪُٺَلِ ڪَجائَنِ ۾، چاڙِھي ھِيءَ ھَلايو،
وِھاري وَطَنِ ۾، شُهدِيءَ کي مَ سِڪايو،
مُنھِنجو پَنڌُ پِرِينءَ ڏي، ريبي تان مَ رَھايو.
[ سُر آبڙي، وايون، 13 ]

جيڏِيُون جَهلَ مَ پايو، آئُون ويندَڙِي پار پِريَن جي،
اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرَ ڏيجُ مُون آيِو،
مُون کي ڏِينھَن مِيثاقَ جي، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارئو،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، پِرِيَنِ پاڻُ پَسايو.
[ سُر معذوري، وايون، 13 ]
اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرَ ڏيجُ مُون آيِو،
مُون کي ڏِينھَن مِيثاقَ جي، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارئو،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، پِرِيَنِ پاڻُ پَسايو.
[ سُر معذوري، وايون، 13 ]
مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪَلَ،
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ،
سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 3 ]
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ،
سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 3 ]
مُومَلَ ماڙِيءَ جَهلَ، اُڀي پُڇي پَھِيَڙا،
ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ،
مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 25 ]
ڪَنِي ريکوُن رَتِيُون، ڪَنِي ڳاڙھا ڳَلَ،
مَيسَرِيارا مَلَ، دانَھِ گَهڻا ڏَھوڙِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 25 ]
English Meaning
Near to, close to, closely, beside.