جيھِي بابت
معنيٰ
جھڙي، وانگر، وانگي، وانگ، بيان جيان (اردو يا ھنديءَ ۾ ھي لفظ ”جیسی“ ٿيندو.)
As, in such manner as, like.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَني ۾ پيھِي تان تُون اَلِفُ نَہ اُجِهئو، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، جيھِي نَہ تيھِي، خَبَرَ تو ڪيھِي، قاضِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا، جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- اَکِيُون لَٽَ اوراٽِيُون، ڪَنھِن پَرِ ڪَڙِيان پيرُ، لَٺِ لائِيندو ڪيرُ، مُون جيھِيءَ مَعذُورِ کي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪَھان تان ڪيچان پَري، سُمَهان تان سِرَ ھيٺِ، ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون جيھِي پَرِ ٿِي.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- جيھِي جٖي تيھِي، ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، حُجَتَ ھوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نَہ وَسِ، اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ، پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- مَرِي جي وِيَڙِي، تَہ ڪِھَڙو ٿورو سَڄَڻين، تو جيھِي ٽيڙِي، دَرِ ٻاروچي ڪيترِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- مُون کي لَڪَ مَ لوڏو ڏي، آئُون جا پَٻَ پَھوڙِي آھِيان، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جي، نِينھَن نِھوڙِي ني، مُون جيھِيءَ مَعذُورِ…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- اَچَنِ جَي اوطاقَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين، مُون جيھِي مُشتاقَ، ڏِسِي لاھي ڏُکَڙا.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي، مَتِيَون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ، جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- پُورَڀَ ۾ وِئا پيھِي، تان مُون گهَڻو نِھارِئا، سُڌِ نَہ مُڪِي سَڄَڻين، جيھِي نَہ تيھِي، ھُئا پَرَڏيھِي، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ، اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]