تِيرَ بابت
معنيٰ
ٻاڻَ، لوها گزَ، ڪانَ.
Arrow, a bullet, Bank, shore.
بيتن ۽ وائين ۾
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا تو کي، ساجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنھِن کي، مارِيين ٿو مُون کي،…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، توکي تِکا تِيرَ، ساجَنَ اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻا فَقِيرَ، ٻِئو مَ مارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پَھرِيون ئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا تو، ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ، سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ، ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، مَرَڪِي اُڀا مِيرَ، وِڙِھِي ويرِنِ سامُھان، تِکا ھَنيائُون تِيرَ، ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- مُومَلَ ماري مِيرَ، آھيڙي کي آڪِري، تَنھِن سوڍِيءَ گَهڻا سَڪائِيا، پَرِھِيا پَنِتَ پِيرَ، ھَڻي تَنِ تِيرَ، مَڻِيو جَنِ مَٿَنِ ۾.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ وِئا تَڪِڙا، جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ، اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ گهورِي گَتِ، بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ، تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- جِتِ ھُئِي ڪانءَ ٻولِي ڪانَہ، اُتِ ھُئا آسَڻَ آڌوتين جا. وَڄائي واٽَ ٿِئا، ساجَ سِڱِيُون سامان، اوڏِيءَ مَهلَ حَوا کي،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين، ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ، نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ، سوئِي…[ سُر پورب - وايون ]
- جوڳِي ٿا جَرُ ھارِيَنِ، ويندا تِيرَٿَ گَنگا مَٿِرا، سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، پِرھَ پُڪارِينِ، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، مُون کي ٿِيُون مارِينِ،…[ سُر پورب - وايون ]
- سَڌَرُ شَھتِيرَنِ ۾، ڀَرَجَهلو بارِي، مَنَھَن مُنِي جَکِرو، طامِعَنِ تارِي، سَمي سُوالِيَنِ کي، ويلھَ وِسارِي، پُڇي سي پارِي، جي عاجِزُ…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]