تَنوارِ بابت
معنيٰ
آواز. جهونگار. لات پکين جي. للڪار. سَڏ چوپائي مال کي. ذڪر جي ھونگ. پَچارَ.
Call, murmuring, uttering, voices.
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ، اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو. سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- تَڙِينِ تَنوارِينِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، مُون کي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جُون.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙبن تَنوارِينِ، وايُون وَڻِحارَنِ جُون، جِيءَ کي جِيارِين، کِلِبو کِيڪارِينِ، جَنِي سيڻَ سَلامَتَ آيا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ، آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ، سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ، پَلُرُ پِيارينِ،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو، اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا، ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڏاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ تَنوارِئو، نِئائُون نَہ نِماڻِي پاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ، اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِھارِي آھيان.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- اِجلِس ڪَري اُٿِئا، تَنوارِئو توڏَنِ، نَومَ نَوازي تَنِ کي، مَرحَبا موڏَنِ، رِڙِھِي رَسُ روڏَنِ، اليَومَ سِيرُو سَسُئِي.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جَو ڪُھَنڌِ سُھَنڌِ سامُهُون، پِرتِ تَنھِن سين پارِ، نِينھُن جَنھِن جو نِبَھي، تَنھِن سان تُون مَ تَنوارِ، ھَڏِ مَ واٽَ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، مَڙِهيُون مُون مارِينِ، جٖي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- آءُ اُڏامِي ڪانگڙا، پارانڀانِ پَچارِ، ويھِي ھِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِر تَنوارِ، جي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ويڙِھِيين وَڳَ وارِينِ، ڇَڇين ڇيڪارِئو ڇيلِڙا، پَٽين پَھِرائِينِ، نيڻَ مُنھِنجا اُنِ کي، جَهجهو جَرُ ھارِينِ، تاڙا…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ڪَسَنِ ۾ ڪوھُ ڦِرين، گَسَنِ ۾ مَ گُذارِ، وَڃِي وَحَدَتَ وِيءَ ۾، گُونُون ڇَڏي گهارِ، شَرِيعَتَ جو سَرُ لَهِي، تَنُ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]