تَمامُ بابت
معنيٰ
مڪمل. ختم، پورو، بس. فنا، نيست، نابود. سڀ، سارو، سمورو، ڪَل، سڄو. پورو، تيار. (ظرف) بلڪل، ڏاڍو. گهڻو، بيحد.
Completed, finished, perfect. (Adv) Thoroughly, wholly, completely, extremely, very, absolutely, entirely, exceedingly, quite.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ڪِئو، طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبيباڻي ھيڪَڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ، سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ، ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو، راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ، سيڄَ سُتي نُون جَپِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ، سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ، نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڪَڏِھِين ڪو ٻاجَهہ پَئِي، ساڄَنَ مُجِ سَلامُ، سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپِرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمامُ، ھَٿَنِ حاجَ وِھُ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- پيھِي جَنِ پَرُوڙِئو، گَنجو ڏُونگَرُ گامُ، سي ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ، ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ، مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ، گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ، ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ ڇَڏِ تَمامُ، گولا جٖي گولَنِ جا، ٿِيءُ تَنِ جو غُلامُ، صَبُرُ جي شَمشِيرَ سين، ڪَرِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ، تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ، گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- رُوحَ ۾ رَھِيُنِ رامُ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو، پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ، تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، تَمامُ ٿِي طالَبَ ۾، وَحدَتَ جي وِئا، جَنَبُ مَوچارو جوڳِيين، ڏِکِئا مَهِندِ ڏِھا،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ، تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ، ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مُحِيطا مَوجَ ٿِي، توحِيدُ ٿِئو تَمامُ، اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، تان نَہ پَرُوڙي عامُ، مَحَبَتِيَنِ مُدامُ، اَچِي رَھِئو رُوحَ…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- ڪَھِيائين سين ڪُن، فَيَڪُونُ فِدا ڪَري، تَعظِيما تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَيرِئائِين ڀُون، مارُو تِئائِين مُون، ڀينَرُ ڀاڱي آيو.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]