اَڳھَيِن بابت
معنيٰ
اڳ ۾ ئي، اڳواٽ.
Earlier, previously
اڳھم = اڳھين (ھاڻ). ازل کان وٺي، ڀٽ واري نسخي ۾ ڪيترن لفظن جي پڇاڙيءَ جي ڪلام جو ھڪ نشان آھي. شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۽ پڻ ڪن قديم مولودن ۾ بہ، اھا پڇاڙي استعمال ڪيل آھي. انهيءَ پڇاڙيءَ جي خوبي ھيءَ آھي جو وزن کي گهٽائي پورو بيھاري ٿي ۽ سندس اُچار مٺو ۽ رس ڀريو آھي.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين، ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ، ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ، بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ، لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ، مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي، پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي، اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ، اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا، مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، آئُون ويٺِي وِرِھَ چَران، اِنَ عَذابان اَڳھَيِن، مادَرِ ڇو نَہ مَران، اَدِيُون جو نَہ اَوِھان، سو…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ، ڪاڻِيارِي ڪاڪِ ڪَري، آئُون اَڳھَيِن آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجي ٻولَ، توکي سارِئو سُپِرِين، رُئان مَنجِهہ رَتولَ، ٽِڪاڻا…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ وِئا تَڪِڙا، جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ، اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- نَڪِي پَڙَهنِ نِمازَ کي، نَڪِي قَضا ڪَنِ، سارِئو سُپَيرِيَن کي، سِڪَنِ ۽ سَڙَنِ، پَڙَهندَلَ پوءِ رَھَنِ، ھوءِ اَڳھَيِن ھُونِ اُتَھِين.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- مَ ڪِي رو، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ڪَرِ ڪِيھُون، اِتي اَچَنِ اَڳھَيِن، وانڍِنِ جُون وِيھُون، ميڙِيندوءِ مِيُون، مِينھين اُٺي…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]