ھيڪَرَ بابت
معنيٰ
ھيڪار، ھي وار، ھڪ ڀيري، ھڪ وقت يا ويلي
Ones, one time
بيتن ۽ وائين ۾
- رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدا آھي سُورَ جِي، ڪَنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسائِيا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ، اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئِي ھيڪَرَ حُضُورِي ڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون، ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ، مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪُوفِيُنِ خَطُ لِکِئو، وِچِ وِجِهي اللهُ، اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ، ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، اُٿِي رائو ريلِ، ھيڪَرَ اُٿِي ھوتَ لاءِ، ٻَڌُ چِتائي چيلِهہ، ٿَڪِيائِي تُون ٿِيلِهِہ، تَہ پَهچين…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ھيڪَرَ ھُئَڻُ وِڃاءِ، تَہ ويجهِي ٿِيين وِصالَ کي، وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، پَھِي اِيءَ پِڃاءِ، لالَڻَ کي لِيلاءِ، تَہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھيڪَرَ ھُئَڻُ ڇَڏِ، تَہ اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي، مَا راَيْتُ شَيْئاً اِلَّا وَرَاَيْتُ اللہَ فِيْهِ ، نيئِي اَجها اوڏاھِين اَڏِ،…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھيڪاندِيءَ ھوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿِئا، ساھُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِئو پوئِي، جيڏِيُون جَي مانۡ وَسِ جَتَ ھُئا،…[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَہ تَہ مُٺِي مارِ، ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، بَرِ ڪاھي بوتا، نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھيڪَرَ اَئِين ھوتا، مارِينِ ٿا مَعذُورِ کي، گُنگَنِ جا گوتا،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَڱَرُ مَ ڏِيو، ھيڪَرَ اُجهايو، ڏيئِي ٻُرَ لُھارَ جِيئَن.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- والِي وَڃِي پَسان شالَ، ھيڪَرَ ھوتَ پُنهونءَ کي، جَنھِن ڪارَڻِ جالَ، ھاريان ٿِي ھَنجُنِ کي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- آسَڻَ جَنِ اَريجَ ۾، اُوءِ کَپُرَ وِھَ کَري، مُنھُن مَلائِڪَ جِھَڙو، ٽِڪِرُ ڪِينَ ٽَري، جي ھيڪَرَ ڏَنگُ ھَڻي، تَہ جاءِ…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]