ڀيرو بابت
معنيٰ
ڦيرو، چَڪر. دفعو، گهمرو، وارو. دَورُ. گشت، دَورو.
A tour, time, succession of time, a revolution, turn.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پاڻُ، اَڃا ڀيرو ھِڪِڙو، مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ، ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- مُٺِيَسِ جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرو ڪَرِ ڀَتارَ، ساجَنَ تُھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينھُن قِيامَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- پَٽِيءَ نَہ پيرونِ، اوڏِيءَ ڇَڪَ نَہ ڇَمِئا، پويون ھِي ڀيرونِ، نِينھُن نباھي ھَلِئا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ، وَٺِي ويندِي پاڻَ سين، ڏِيندِي نَہ موڪَلَ، ھِتِ وِيهُنِ ٿي وَڄايا، طَرحُنِ سين طَبَلَ، جِن…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- لُڊُوڻِئان لَطِيفُ چئَي، کَٽُون کَنيائُون، ڇَڏي حِيلا ھَلِئا، مُومَلَ مَڻِيائُون، وَڃي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، لَڏوُن لاٿائُون، ڀيرو ڀَڳائُون، آسَڻَ آرامِي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي ويھُ مَ لاڳِ، تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- نيئِي نيئِي ڏيجِ اي اَدا، پانڌِي پِرِينءَ سَنِيھو، ڪالَهہ ڪُوماڻا گُلَڙا سُڪا مَٿي سيڄَ، تو لَئي ھَنجُون ھارِيان، ھي جي…[ سُر راڻو - وايون ]
- ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ، ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون نِماڻِيءَ جي نِجُهري، پَکَي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نَہ ڄاڻي ڪو ٻِئو.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ڪالَهہ ڪَلاچِيءَ وِئا، ڇِتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ، ڀائُنِ ڀيرو نَہ ڪِئو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ، اِھَڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَ وَرائي جَهلِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- آئُون شَلَ ويڙِه وَڃان، جِتي مارُوئَڙا اَلا، تازِي مَڪَ مَلِيرَ جِي، موڙِئو ڏارَ ڀَڃان، ويندِيَسِ اَباڻَنَ ڏي، ڳائي ڳيجَ گَڃان،…[ سُر مارئي - وايون ]