اوڇَڻُ بابت
معنيٰ
اوڍڻ جو ڪپڙو. ڪپڙو لٽو. ڍَڪُ. سمهڻ مھل مٿان وجهڻ جو ڪپڙو.
Covering, dress, clothes.
بيتن ۽ وائين ۾
- اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ، پِيتَمُ، دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ، سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ، اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ، پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ، رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ، قُربُ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون، ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساھي، اُنِهين وَٽِ آھي، اوڇَڻُ ڳالِهہ اُگهاڙَ جِي.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ، سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ، جٖي واڳُو واتِ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- سوئِي اوڇَڻُ اَنڱِڙين، سوئِي کاڄُ سَندونِ، ڪُفُرَ ۽ اِسلامَ کان، پَري پيرُ پِئونِ، اُتي آھيرونِ، جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيرِيُون، اوڇَڻُ جَنِي اُنَ، کَيٿَرِيُون کَٿَنِ ۾، تاڻِئو وِجَهنِ تُنَ، سَرَتِيُنِ ساڻُ سَمَنَ، آھِينِ اُٺي مِينھَڙين.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- وَرُ سي وَطَنَ ڄايُون، صَحرا سَتُرُ جَنِ، گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ، ويڙِھِئا گهُمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جهَنگَنِ، مُون کي…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]