اوڇَڻُ جي سنڌي معنيٰ
اوڍڻ جو ڪپڙو. ڪپڙو لٽو. ڍَڪُ. سمهڻ مھل مٿان وجهڻ جو ڪپڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Covering, dress, clothes.
اوڇَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ،
سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ،
اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 2 ]
سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ،
اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 2 ]
مُونا طُورُ سِيناءَ ، سَندا سَناسِيَنِ،
پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ،
رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
قُربُ ڪاپَڙِيَنِ، نَنھَن چوٽِيءَ سين ڍَڪِئو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 3 ]
پُورَڀِ کَنيو نَہ پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳِيَنِ،
رِدا آھي رازَ جِي اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
قُربُ ڪاپَڙِيَنِ، نَنھَن چوٽِيءَ سين ڍَڪِئو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 3 ]
لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،
ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساھي،
اُنِهين وَٽِ آھي، اوڇَڻُ ڳالِهہ اُگهاڙَ جِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 16 ]
ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساھي،
اُنِهين وَٽِ آھي، اوڇَڻُ ڳالِهہ اُگهاڙَ جِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 16 ]
نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 18 ]
نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ،
سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ،
جٖي واڳُو واتِ وَڃَنِ، ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 19 ]
ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ،
سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ،
جٖي واڳُو واتِ وَڃَنِ، ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 19 ]
سوئِي اوڇَڻُ اَنڱِڙين، سوئِي کاڄُ سَندونِ،
ڪُفُرَ ۽ اِسلامَ کان، پَري پيرُ پِئونِ،
اُتي آھيرونِ، جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا.
[ سُر آسا، مجازي مام، 10 ]
ڪُفُرَ ۽ اِسلامَ کان، پَري پيرُ پِئونِ،
اُتي آھيرونِ، جِتي آھِ نَہ ناھِ ڪا.
[ سُر آسا، مجازي مام، 10 ]
ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيرِيُون، اوڇَڻُ جَنِي اُنَ،
کَيٿَرِيُون کَٿَنِ ۾، تاڻِئو وِجَهنِ تُنَ،
سَرَتِيُنِ ساڻُ سَمَنَ، آھِينِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 16 ]
کَيٿَرِيُون کَٿَنِ ۾، تاڻِئو وِجَهنِ تُنَ،
سَرَتِيُنِ ساڻُ سَمَنَ، آھِينِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 16 ]
وَرُ سي وَطَنَ ڄايُون، صَحرا سَتُرُ جَنِ،
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ،
ويڙِھِئا گهُمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جهَنگَنِ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳَڻائِي سيڄَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 16 ]
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِ،
ويڙِھِئا گهُمَنِ وَلِيين، جهانگِي مَنجِهہ جهَنگَنِ،
مُون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳَڻائِي سيڄَ ۾.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 16 ]
اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ، پِيتَمُ،
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 1 ]
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 1 ]
English Meaning
Covering, dress, clothes.