ھِينئَڙا بابت
معنيٰ
اي ھيانءَ، او دل، او منھنجا وجودَ، پنھنجو پاڻ.
Innermost, own-self, heart, existence
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- جَنِي سَندِيءَ جِيءَ ۾، ڀَتُون ڀَتين ٻوڏُ، ڪِھَڙو ڪَرِيين ڪوڏُ، ھِينئَڙا پَسِي تَنِ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- وانءُ وَڃِي وانئُٺِ، ھِينئَڙا ماڳُ پِرِيَنِ جو، چُمِيو چُمُ چانئُٺِ، ھُوءَ جا سَندِي سَڄَڻين.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾، جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ، وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ، مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ، ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون پُونِ، ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِي چَيو چُوَنِ، آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾، ماڻُهو مِرُون…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ، لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ، ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ، مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري، ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ، کاڻِيُون لوٺِيُون…[ سُر راڻو - وايون ]
- ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ وِجُهہ مَ پِريَڙِي، سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، ڳالِهہ مِڙِيائِي ڳُجُهہ، ھِينئَڙا اُجُهہ مَ ٻُجُهہ، تَہ پِرِيَنِئُون پِرِين ٿِئين.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- ڪَؤنران ڀَؤنرا رِڌِ، جَرَ ري رِڌِ جَوبانَ سِرِ، ھِينئَڙا اِيءَ ڪُوِڌِ، جِيئَن اَوِڌا سين اوريين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]