ھَڏِھِين بابت
معنيٰ
سدا، هميشه، سدائين، نِتُ، اڻهين، هر دم، دائم، مدام.
Always, ever, continually, round o clock
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ، مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ، جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- مَدِيُون ڪَندي مانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئا، مَٺِيُون جَنِ جي مَنَ ۾، سي ھَڏِھِين ٿِئا حَيرانُ، بُرا ٿِئا بَيرانُ، ٻيڙو…[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- سَندو ڏَمَ ڏَھڪار، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِنَ کي، پُسائي نَہ پانھِنجو، سُهڻِي سِينگارُ، ڪارَڻِ مُنڌَ ميھارَ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جَي سِيرَ نَہ گِهڙِي سُهڻِي، ھِتِ حَياتِي ڏِينھَڙا، ھَڏِھِين تان نَہ ھُئِي، چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- جَتَ ھَڏِھِين ھُتِ، مُون ھِينئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا، چَنگَلَ جَنِ جا چَوڦَرا، راحَتَ اُنِ جِي رُتِ، گُنگَنِ جي گُفَتِ، ڇيڙي…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ بِہ تَنِي وَٽِ، ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو رُوندو، ”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو ٿو چُوندو، ھَڏِھِين نَہ ھُوندو، اُنِهان پوءِ عالَمَ ۾.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جِندا ھو مَ جوڳَ ري، پائي جوڳُ مَ جِيءُ، ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ، وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪِيرَتِ ھَڏِھِين گهورِ، ڪَرِ ڪِيرَتِ جي ڪا نَہ ڪا، جَنھِن سين ريجهي راڄِئو، سا تُون تَندُ چورِ، ڪارَڻِ ڏاڻَ مَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- عَينُ شِرڪُ اِيءُ، جِيئَن بي شِرڪُ ڀانيَين پاڻَ کي، وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، ھُو پُڻ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]