گُرُ بابت
معنيٰ
گُرو، مرُشد، وڏو، اُستاد، راهبر، ڌُڙو، مَھندار، اڳواڻ ،
Guru, teacher, leader, guide
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏَھين ڏِينھَن ڏِکَ ٿِئا، پِرِين پاٻوھِئا پَسُ، وَرَقَ جي وِصالَ جا، واري ڪِئائُون وَسُ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، سَندو گُرُوءَ گَسُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ پَرِ گُرُوءَ جِي پارِ، ھَوائُون ھِنگلاجَ ڏي، وِيندي سَڀَ وِسارِ، نانگا ناٿُ نِھارِ، سامِي وَڏِيءَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ، تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ، گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ، ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ، خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- اُجِهئو تَنِ نَہ ٻُجِهئو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ، لَٿو تَنِ لَطِيفُ چئَي، جُسي جو زَنجِيرُ، ڪِينَ ڏِٺو ڪاپَڙيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا، پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا، جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، تَنَ کي ڏِينِ تَسا، گُرُوءَ جي گَسان، پاسي ڪَنِ نَہ پاڻَ…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- جوڳِي جَلالِي جَلَبَتِي، مَهارِي مَرويسَ، دُورِ ڪِئائُون دُئارڪا، مارِي ھَلِئا ميسَ، ڏوري ڏيوَرَ ديسَ، گُرُ لَڌائُون گِرنارَ ۾.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]