کَڻِجِ بابت
معنيٰ
کڻجانءِ، ڪا شيءِ هٿن سان مٿي ڪجان، زمين کان مٿي ڪجان، چاڙهجان، چڙهتي ڏجان.
Carry, put out.
بيتن ۽ وائين ۾
- جُتو وانءُ جِھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ سين، پُورِيندي ھُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِجِ سازَ، اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڌُ، لالَڻُ تَنِي لَڌُ، عِشقُ جَنِي جي اَڳَ ۾.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وانءُ، مَٿان سائِرَ سُهڻِي، پِرتِ وَٺِجي پانءُ، نِينھَن ڳِنَهندِي نانءُ، وانءُ پِريان جي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ، ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِڃاءِ، عِشقَ ساڻُ اُٺاءِ، پيرُ پِريان جي پارَ ڏي.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ، لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ، تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي، ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي، سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾، کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ، آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون کُھِي کَڻِجِ وِکَ، تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ٻيلِي ناھِ ڀَنڀورَ ۾، تَنھِن سَسُئِيءَ جو صَحِي، ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندا مُنڌَ ڪُھِي، لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، کَڻِجِ ڄامَ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا، ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ…[ سُر حسيني - وايون ]