ڏِيندو بابت
معنيٰ
حوالي ڪندو، سپرد ڪندو، دانُ ڪندو
Will give, will donate, will hand over
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنَ جو تُون نَہ طَبِيبُ، ڌارِيَئِي دُنِيا ڪارَڻِ ڍَٻِيُون، اِيندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- دِلِ ماھِي دي نالِ لوڪو، دِلِ رانجَهنِ دي نالِ لوڪو، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرُ ڏِيندو ڪو ڪو.[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- سِرُ مَڱي سِرُ گهُري، سِرَ ري ٿِيي نَہ صَلاحَ، غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ، نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- مَٿو ۾ کِيڪارَ، يارَ ڏانَ ڏِيندو سانءِ ٻِئا مَڱڻا، مَٿو مُورِ نَہ پاڙِيان، تُنھِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِ…[ سُر سورٺ - وايون ]
- ھاڻِ اِيندو ھاڻِ اِيندو، مُنھِنجو سَڄَڻُ سائِين، نِماڻِيءَ جو نِجُهرو، پاسي پاڻَ اَڏِيندو، مَٿان لَڪَنِ ساٿَڙو، صَحِي سَلامَتَ نِيندو، آڱُرِ…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- مُون وَٽِ مِيرُ مَينڌَرو، اَدِيُون اَڄُ اِيندو، سوڍو اَچِي سُھاڳَ جا، ڏانَ وَڏا ڏِيندو، بَدِيُون بَخشِيندو، ڪامِلُ ڌَڻِي ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين، اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو، وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،…[ سُر بلاول - وايون ]
- ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ، ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]