چَئِجِ بابت
معنيٰ
چئجو، ٻڌائجو، سڻائجو، آگاھ ڪجو، (چوڻ مصدر جو امر)
Say, tell, inform
بيتن ۽ وائين ۾
- ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ، ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ، چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي، آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي، ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَھين سِڄَ، آئُون جي ڏِيئيِن سَنِيھَڙا، نيئِي پِريان ڏِجِ، وَڃِي ڪيچِ چَئِجِ، تَہ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- پِرھَ جو پيدا ٿِئو، ڳاڙِھائِيءَ جو ڳَچُ، سامِي چَئِجِ سَچُ، ڪِٿان اَچِين ڪاپَڙِي.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن، جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن، سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ چِتائي، مَٿو آن جي آسِري، مُون ڌوتو نَہ آهي، کائُرِ جَنِ کانئي، هِنيُون هولَنِ ڇڏِئو.[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ جورِ هَڻِي جانا، پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪَرايُنِ ڪانا، آن ريءَ اَمانا گَهنگهَرُ گهارِيان ڏِينھَڙا.[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- ڪُسَرَ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرُ ساڱاھيجِ، ھَنجَ ھُتي جِي ڳالِهڙِي، ٻَگهَنِ سين مَ ٻوليجِ، ماڙي تُون مَريجِ، چَئِجِ مَ ڪَنھِين چُنجَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]