ڀيرا بابت
معنيٰ
ڦيرا، چَڪر. دفعا، گهمرا، وارا. دَورَ. گشت، دَورا.
Tours, times, successions of time, revolutions, turns.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَڙِ تَڪَڙِ تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، ڏي ڏوراپو ڏَمُ، عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئي نِينھَن…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيئَن، سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن، ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ، سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ، ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جاجِڪَ تو جُھارُ، ڏَھَ ڀيرا ڏِياچُ ڏي، جَنھِن ۾ مالُ نَہ مِرِيءَ جيتَرو، تَنھِن تُون طَمَعدارُ، جَي اَچي ڪَمِ ڪَپارُ،…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- گامُ مِڙيوئِي گوجَرِيين، مَنجِهہ رَٺُڙِيُون رَھَنِ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ، سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ڪا مُرادِي مَنجِهنِ، پِينگهُون وَٽايو پَتَ جُون، لِيمِي لامَ لُڏَنِ، چَرَخا چَندَنِ عاجَ جا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، پاڻُ مَٿانئُنِ گهورِ، وِئا جٖي ھِنگِلورِ، سي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ڪُتو جي ڪانءُ، پِريان سَندي پارَ جو، اُنِهين مَٿان آنءُ، ڪوڙِ ڀيرا قُربانُ ٿِيان.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پَلَئِہ پايو پوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏي، ڪا مُون ڪَتائي، ڪاپائِتي آھِيان.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- پوڻِيُون پايو پاندَ ۾، دَر دَر ڀيرا ڏي، ڪاپائِتِي سَڀَڪا، ڪا مُون ڪَتائي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- وييُون ڪَنھِن وِڳَهَہ تَڙِ، ڀيرا ڀَڃِي ماءِ، آتَڻَ مَٿي اُسِرِي، آيَسِ اُنِين لاءِ، تِئان ھِتِ نَہ ڪا، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ، جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ، پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- مارُو نَہ ميرا، مِٽَ مُنھِنجا سُومَرا، اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀَرِ ڀِٽُنِ ڀيرا، پَنوَهارَنِ پيرا، وِڙُه مَ ويڙِهيچَنِ سين.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]