پِريَمِ بابت
معنيٰ
منھنجا پرين، اي پرين، اي منھنجا محبوب
O my love, o belobed, o love
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوڙِين ڪايائُون، تُنھِنجِيُون لِکَنِ لَکَ ھَزارَ، جِيءُ سَڀَ ڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌارَوڌارَ، پِريَمِ تُنھِنجا پارَ، ڪِھَڙا چَئِي ڪِيئَن چُئان.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورَو لاءِ، پِريَمِ تُنھِنجي گهاءِ، مَران تَہ مانُ لَھان.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو، چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن، دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ، وِرِچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي…[ سُر کنڀات - وايون ]
- عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا، ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي، ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ، قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڏِھاڙِي ڏَمَرَ ڪَري، مَحَبتَ مَٿي مُون، تَنھِن کي اَچِي تُون، پِريَمِ ڪوھُ نَہ پَلِيين.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ھَٿِ ڪِئو مُون ھاڻِ، پِريَمِ اَچي پاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيجِ تُون.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪاتِيءَ جِھَڙِيءَ ڪارِ، کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، چاڪَ وِجَهنِ ٿِيُون چارِ، ساجَنَ سَنئُون نِھارِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪَجَلَ ريءَ ڪارِيُون، مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون، کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، رُپي جِي رَئِي، اَسِين جاڳِياسُون جَنِ لَئِي، سُتا سي پَئِي، اَکِيُنِ آبُ وَھِي، پَٿَرُ سَڀَ پُسايو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، گَهِليُون ۽ گهوڙا، لاھِينِ نَہ لوڙا، جي تو حاجَ ھيرِيُون.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، اَلبيلِيُون ۽ آلي، موھِيو مَنُ مَجازَ سين، نيڻَنِ جي نالي، سَگهان نَہ جالي، تو ريءَ ساعَتَ سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سَنڀِرِئو جِيئان، ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڳُڻَ ڪيتِرا ڳَڻِيان، ٿورَنِ مَٿو ناھِ ڪو.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]